13 منگل , نومبر 2018

ڪرپشن: سعودي حڪومت سان مالي معاهدي کان پوءِ وڌيڪ 2 شهزادا آزاد

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار وڌيڪ ٻن شهزادن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب سعودي عرب ڪرپشن جي الزامن ۾ گرفتار شهزادي مشعال بن عبدالله ۽ شهزادي فيصل بن عبدالله کي آزاد ڪري ڇڏيو. ٻئي شهزادا سعودي عرب جي اڳوڻي فرمانروا شاهه عبدالله جا پٽ آهن. ٻنهي شهزادن کي سعودي حڪومت سان مالي معاهدي کان پوءِ آزاد ڪيو ويو ۽ سعودي اٽارني جنرل سندن آزادي جي منظوري ڏني. شاهه عبدالله جو ٽيون پٽ ترڪي بن عبدالله هن وقت حراست هيٺ آهي ۽ اٽارني جنرل سندس آزادي جو فيصلو ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے