20 منگل , نومبر 2018

آڪيلنڊ ۾ ڪيوي ڪرڪيٽر مارٽن ڪرو جون آخري رسمون، خراج پيش

20ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري بيٽسمين مارٽن ڪرو جون آخري رسمون سندس اباڻي شهر آڪلينڊ ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. مارٽن ڪرو ڊگهي وقت کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ 3 مارچ تي لاڏاڻو ڪري ويو. مارٽن ڪرو جون آخري رسمون هولي ٽرنٽي ڪيٿيڊرل ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ سندس بيواهه لورين ڊونيز، سندس ڀاءُ جيف ڪرو، سندس اڳوڻي انٽرنيشنل ٽيم ميٽ ۽ اسڪول جي دوست ڊيوڊ لائل سميت وڏي انگ ۾ سڳوارن شرڪت ڪري کيس خراج پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شڪست تي مايوسي ٿي، غلطين مان سبق سکنداسين: سرفراز احمد

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ 176 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ناڪام ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے