11 منگل , دسمبر 2018

لکين آبادگارن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪاري ذميداري

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي شگر ملن جي  مالڪن جي وڪيل جو چوڻ هو ته عدالت پاران مليل حڪم تي عمل ڪرڻ سان مل مالڪن کي نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري مجبورن ملون بند ڪيون ويون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪمند جو مقرر اگهه نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي آبادگارن پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت آبادگارن کي  ڪمند جو في مڻ اگهه 172رپيا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، پر آبادگار ان تي عمل نه ڪري رهيا آهن. شگر مل مالڪن حڪم تي عمل ڪرڻ بدران ملون ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. مل مالڪن جي وڪيل توهين عدالت خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائيندي چيو  ته عدالت پاران مقرر ڪيل ڪمند جو  اگهه 172 رپيا مل مالڪ ادا نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه ڏيڻ سان مل مالڪن کي نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري مجبورن ملون بند ڪري ڇڏيون آهن. عدالت جي درخواست تي  لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب  طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود شگر ملز مالڪن پاران ڪمند جو اگهه 182 رپيا ڏيڻ بجاءِ پيڙائي بند ۽ ڪمند جي امدادي اگهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار اتحاد شگر ڪين گروئرس ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.ميرپور بٺوري ۾ سوين آبادگارن سڪل ڪمند کڻي شهر جي علي بندر چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪندي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو. ٻنون، دڙو، حيدرآباد روڊ تي سوين آبادگارن احتجاجي مظاھرو ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو.ماتلي، ٽنڊي محمد خان ۾ هزارين آبادگارن ۽ هارين پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڪمند جو علامتي جنازو ڪڍي حيدرآباد-بدين روڊ تي4 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. کيسانه موري، ٽنڊي الهيار، ميرپورخاص، حسين بخش مري، ڪنريءَ، مور جھنگو، اڏيرولعل وليج ۾ ديهه ويسرو ٽنڊي آدم باءِ پاس، نواب شاهه ضلعي جي چئن شگرملن حبيب، النور، سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ ٻانڌي شگر مل جي مک گيٽن ٻاهران آبادگارن  ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون ۽ ٽرڪ بيهاري روڊ بند ڪري ڇڏيو. محرابپور- هالاڻي، پيارو ڳوٺ ۽ ٻين وسندين ۾ سوين آبادگارن پاران احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاسما شگرمل مافيا جي هڪ هٽي جي ڪري سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو ويو آهي.

آبادگارن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاجن کي چيو ته سنڌ ۾ شگرملز  مافيا آڪٽوبر بدران ڊسمبر جي آخر ۾ ڪريشنگ شروع ڪري وري ان کي بند ڪري آبادگارن کي ڀڳڙن مُٺ تي ڪمند وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن سنڌ جا آبادگار ڪمند جي پوکائي ڪرڻ بند ڪري ڇڏين. جيڪو سلسلو سنڌ جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جي مالي نقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي. هنن چيو ته ڪمند جي پوکائي مان آبادگارن کي وڌيڪ منافعو ملڻ جو سلسلو بند ٿيڻ سان سنڌ جا آبادگار پنهنجون ذاتي ملڪيت واريون زرعي زمينون وڪرو ڪرڻ ۽ ڪمند جي پوکائي نه ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

سنڌ ۾ لکين آبادگارن جون زندگيون ٽياس تي ٽنگيل آهن. ان جو تدارڪ سنڌ سرڪار کي ڪرڻو آهي، جنهن ۾ جيتري دير ٿيندي اوترو نقصان ٿيندو.

 ڇنڇر  30 ڊسمبر 2017ع، 11 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے