17 بدھ , اکتوبر 2018

زندگيون تيل ڪندڙ تيل جا اگهه

سارنگ منير سومرو

وفاقي حڪومت عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪندي پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ جون تياريون مڪمل ڪري ورتون آهن اوگرا پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪندي وفاقي سرڪار کي منظوريءَ لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي،  جنهن ۾ پئٽرول جي اگهن ۾ 4 رپيا 6 پئسا، گاسليٽ جي اگهن ۾ 13 رپيا 58 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 5 رپيا 83 پئسا، لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 12 رپيا 50 پئسا، جي تجويز ڏني آهي جيڪي اگهه پهرين جنوريءَ کان لاڳو ٿيندا.

آمريڪي ڊالر جي قيمت تاريخ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي 112 رپيا ٿيڻ کانپوءِ مهانگائيءَ جي ڀڙڪيل باهه وڌيڪ زندگيون رکُ ڪرڻ لاءِ وڌندي پئي وڃي ٿي،  ملڪ ۾ ڪڏهن ڊالر جي قيمتن پويان مهانگائي جو طوفان ته وري ڪڏهن آءِ ايم ايف جي قرضن واري ڪهاڻيءَ پويان اٿندڙ مهانگائي جو طوفان اچي انهن مسڪينن جي چائنٺ تي ديرا ڄمائي ٿو،  جنهن چائٺ جي اندر اڳ ۾ ئي غربت جو اهو راڪاس رقص ڪري ٿو، جتي جيئڻ جو خواب ساڀيان لاءِ حيران ۽ پريشان رهي ٿو، عوام جو اهڙو معاشي حال ڏسي سمجهي سگهجي ٿو  ته اسان جي حڪمرانن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي، جيڪڏهن ايئن چئون ته بهتر ٿيندو ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن ملڪ کي معاشي بحران ۾ هٿ سان ڦاسايو آهي،  حڪمرانن جون معاشي پاليسيون ۽ ٻاهرين ملڪن جا قرض ملڪ کي اهڙي ته وڌنڌڙ مهنگائي جو طوفان ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ جيئڻ جا سڀئي دڳ بند ڪري بيٺوآهي.

ملڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ٿيڻ سان پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو بار  400 ارب رپين کان به وڌي ويو آهي، ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿيڻ ۽ رُپئي جي ملهه ۾ لاٿ ٿيڻ سان جتي پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو بار وڌي ويو آهي ته اتي درآمدي شين جي اگهن ۾ پڻ 5 کان 8 سيڪڙو واڌ ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي، ڊالر جي اگهه ۾ اضافي سان ملڪ ۾ روز مرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين کير، دالين، چاڪليٽ، کاڄرو تيل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي جي جڙ پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان وري عوام مٿان عذاب بڻجي ڪڙڪيو آهي ، جنهن سان ملڪ ۾ هڪ وڏو مهانگائي جو طوفان ايندو، جڏهن 2017 ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ پئٽرول جي اگهن ۾ ڏهه ڀيرا واڌ ڪئي وئي،  جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 2017 ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي هوندي جتي ملڪ ۾ چئوطرف معاشي بحران هجي اتي مهانگائي جا اهڙا طوفان عوام جي زندگيءَ تي ڪيترا اثر وجهندا،

جڏهن ته پاڪستان جي معيشت جيڪا اڄ به آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن عالمي مالياتي ادارن جي قرضن جي سهاري ريڙهيون پائي رهي آهي، معيشت ۾ سڌارا اچڻ جون حڪومتي دعوائون ته روز ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر عملي طور تي معيشت جو جيڪو ٻيڙو ٻڏل آهي ان جو عڪس اسان کي عوام جي حال مان ئي نظر اچي ٿو،  اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي، حڪمران عوام کي رليف مهيا ڪرڻ بابت به منهن جي پڪائيءَ سان اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جو هاڻي هر عام ماڻهو اهي ڳالهيون ٻڌي دنگ رهجي وي ٿوا،

ڊالر جي اگهه ۾ ڪجهه وقت اڳ به رڪارڊ اضافو ٿيو هو ۽ ان وقت ته حڪمرانن کي خبر به نه پئي ته ڊالر جي اگهه ۾ڪيئن اضافو ٿيو، يقينن جڏهن ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ته ان سان ملڪي معيشت ۾ ڄڻ ته زلزلي جا زوردار جهٽڪا اچي وڃن ٿا، جيڪي جهٽڪا عوام کي مهانگائيءَ جي سمنڊ ۾ لوڙهن پيا،  ڊالر جي اگه ۾ واڌ ۽  مهانگائيءِ جي طوفان سبب  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٻاڙائي به معيشت جي خراب هجڻ جي  اڳڪٿي ڪري ٿي .

ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته عالمي مالياتي ادارن جي قيام جو مقصد ئي پٺتي پيل ملڪن جي معيشت کي هڙپ ڪرڻ لاءِ استحصالي قوتن کي منظم، فعال ۽ وسيع ڪرڻ آهي، هڪ پاسي طبقاتي بنيادن تي ۽ ٻئي پاسي غريب ملڪن ۾ ڦرلٽ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ انهن ادارن اول مالياتي طور تي امير سامراجي ملڪن جي پيسن سان هڪ فنڊ ٺاهيو ۽ پوءِ قرض جي نالي ۾ پٺتي پيل ملڪن کي فنڊ فراهم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو گردشي بار نسل در نسل چڪائي رهيا آهن پر اهي قرض ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، بلڪه هر سال وڌندا ٿا وڃن، هاڻ جڏهن ڊالر جي اگهه ۾ اضافو ٿيو آهي ته يقينن ان سان به ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ئي ايندو، جنهن جا منفي اثر معيشت، غريب ۽ مسڪين ماڻهو جي مٿان ئي پوندا، ملڪ جيڪو پهريان پرڏيهي قرضن جي هيٺان دٻيل آهي، انهن قرضن جي بار ۾ وري ڊالر جي اگهه وڌڻ سان ويتر بار وڌي ويو آهي.

هاڻ جيڪو ماڻهو هتي 2 کان 5 ڊالر ڏهاڙي مزدوري ڪمائي ٿو ته اهو ويتر غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندو، اسان سمجهون ٿا ته ڊالر جو قدر وڌي وڃڻ ۽ رُپئي جو ملهه ڪري پوڻ سان نه رڳو ملڪي معيشت ۽ عوام تي منفي اثر پوندا پر مهانگائيءَ جي طوفان ۾ پڻ شدت ايندي، هتي پهريان ئي حڪومت پاران معيشت جي حوالي سان ناڪام پاليسيون جوڙيل آهن، مٿان وري ڊالر جي اگهه ۾ بار بار واڌ ٿيڻ سان معيشت جي ٻيڙي ٻڏندي نظر پئي اچي، ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت جي خراب صورتحال ۽ ملڪ مٿان قرضن جو وڌنڌڙ ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪري ٿو ته ملڪ ۾ معاشي محرومين جو هڪ اهڙو طوفان ايندو جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي مهانگائيءَ جي وهڪري ۾ لوڙهي ويندو،  ملڪ جو عوام جتي ڊالر جي قيمتن ۽ آءِ ايف جي قرضن جي لوڙ لوڙي پيو اتي انهيءَ عوام لاءِ هڪ ٻئي خبر به مهانگائيءَ جو طوفان کڻي تياري وٺي پئي ته اوگرا ملڪ ۾ پئٽرول جي قيمتن ۾ تمام گهڻي واڌ جو فيصلو ڪندي پئٽروليم واري وزارت وزير اعظم کي سمري اماڻي آهي ته پهرين جنوري کان پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.

هي حڪمرانن جو عوام لاءِ سال 2018 جو پهريون تحفو هوندو جيڪو اهو ياد ڏياريندو رهندو ته  پوري دنيا ۾ ترقي يافتاٰ ملڪن جا حڪمران عوام لاءِ نئين سال جي آمد جي خوشيءَ ۾ اهو تحفو ڏيندا آهن جنهن مان انهن ملڪن جو عوام پورو سال فائدو وٺي اهو ياد ڪندا رهن ته اسان جي حڪمرانن اسان کي نئين سال جي خوشيءِ ۾ هي سستائيءَ جو هي تحفو ڏنو هو،  پر هي اسان جو ملڪ واحد ملڪ آهي جنهن ملڪ مٿان حڪمرانن جا اڳ ئي   مهانگائي جا تحفا ۽ ملڪ مٿان قرض هجڻ باوجود به تيل جي اگهن ۾ واڌ جو تحفو ڏئي اهو ٻڌائن پيا ٿا ته اسان جا حڪمران عوام جي جيئڻ جا دڳ ڪيترا سوڙها ۽ ڏکيا ڪندا پيا وڃن ٿا، پوري ملڪ ۾ جتي نئين سال جي اچڻ جي خوشي ۽ هر من ۾ اها اميد هوندي ته ڪاش هي سال عوام لاءِ خوشين جو سامان ۽ محرومين جو موت ثابت ٿئي اتي وفاقي سرڪار پاران نئين سال جو نئون تحفو پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو اها ياد ڏياريندو ته هر سال جيان لڳي ٿو هي سال به معاشي محرومين مان جان ڇٽڻ وارو خواب خواب ئي رهجي ويندو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے