23 منگل , اکتوبر 2018

محترمه بينظير ڀٽو جي اڻپوري جنگ

امتياز  عالم

اسان شهادت کان ٽي ڏينهن اڳ لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ رٿيل جلسي ۾ انهن افواهن جي ڪري وڃڻ کان منع ڪئي هئي سين، جن جي هر ڪنهن کي سُڌ هئي ۽ اهي افواهه مٿس امڪاني حملي متعلق هئا پر هن اسان جي اها صلاح ٽاري ڇڏي ۽ زور ڏنو ته دهشت گردي ۽ آمريت خلاف عوامي جاڳرتا سندس واحد آپشن آهي. هن ڄاتو ٿي ته انهن جي ڪري سندس جان جوکم ۾ آهي، تنهن هوندي به هن پنهنجي آخري جنگ ۾ انهن کي للڪارڻ جي همت ۽ جرئت ڪئي جيڪا جنگ اڃا به جاري آهي ختم ناهي ٿي.

بينظير ڀٽو کي القاعده، طالبان ۽ سرڪش عنصرن جي سازش سان قتل ڪيو ويو. جيڪو توڙي جو اڳوڻي طاقتور صدر پرويز مشرف ۽ سندس ماتحتن طرفان ڪيئي رڪاوٽون پيدا ڪرڻ باوجود اقوام متحده، اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ مقامي سطح تي ٿيل جاچ مان ثابت ٿي چڪو آهي، سندس اڪثر قاتل جيتوڻيڪ پنهنجي منطقي انجام کي پهچي چڪا آهن، پر اڃا ڪي اهڙا باقي آهن جن کي هٿ ئي ناهي لڳو. ان ڏس ۾ جيڪي پ پ تي ڪيس جي درست نموني پوئواريءَ جي فقدان جو الزام هڻن ٿا سي اصل ۾ ”ڀٽو کي ماري الزام ڀٽي تي هڻڻ واري پراڻي نسخي کي استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان مرتضيٰ ڀٽو جي قتل واري ڪيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ حد کان وڌيڪ بدنام ڪرڻ ذريعي اهو چئي الزام آصف علي زرداريءَ تي مڙهيو ويو ته ان جو فائدو ان کي پهتو.

ٽيلي ويزن ڪيمرائن جي موجودگيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو جيڪو قتل ٿيو تنهن ۾ ظاهر آهي ته مٿس ڪيئي رخن کان بندوق بازن ۽ خودڪشن بمبارن طرفان ڪيئي حملا ڪيا ويا. هي انتهائي منظم نموني ۽ وڏي رٿابنديءَ سان ٿيل حملو هو ۽ جن جي ڪنٽرول ۾ اهو علائقو هو تن وڏي چالاڪيءَ سان اهو هنڌ ڌوئي ڇڏيو ته جيئن فارينزڪ جاچ ۾ ڪا به شيءِ هٿ نه لڳي. تنهن هوندي به هن قتل سان سلهاڙيل سڀئي ڪڙيون، مورڳو اهي به جيڪي اعليٰ سطح جون هيون ۽ جن کي هٿ لائڻ ممڪن نه هو، سي سڀ جو سڀ مليون ۽ ثابت ٿيون.

گڏيل قومن جا تحقيقاتي عملدار بهرحال ان نتيجي تي پهتا ته محترمه طاقتور قوتن ۽ غيررياستي عنصرن جي سازشن جو شڪار ٿي، بينظير ڀٽو اصل ۾ اين آر او، جنهن کي گهڻو بدنام ڪيو ويو جي ذريعي مشرف جو گهيرو تنگ ڪيو هو، جنهن جي ڪري مشرف کي پنهنجي وردي لاهڻي پئي هئي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي تاريخي وطن واپسيءَ بعد هن اهي سڀئي شرط ٽوڙي ڇڏيا هئا.

هوءَ جڏهن واپس ٿي آئي ته مان سندس آجياڻي ريلي ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ موجود هئس ۽ ان وقت سوچيو هو ته هي هيڏو شاندار استقبال انهن کان برداشت نه ٿيندو، جن هن وقت تائين کيس بخشو آهي ۽ خود انهن کان جيڪي معاهدي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مٿس تپيل هئا، ڇو جو انهن کيس ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان منع ڪئي هئي، ڪراچيءَ ۾ ڪارساز واري هنڌ مٿس جيڪو خطرناڪ حملو ٿيو، سو به اسان پئي ڏٺو، ان کان پوءِ بينظير ڀٽو بغاوت جو علم بلند ڪندي نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي رهائش گاهه تي وئي. هن نه رڳو نواز شريف جي ڏيهه واپسي يقيني بڻائي پر هن کي آماده ڪيو ته چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي، جنهن مشرف جي راند ختم ڪري ڇڏي، جنهن هڪ وڌيڪ مدي لاءِ عهدي تي رهڻ جو سوچيو هو.

2008ع واري چونڊن جي اڻٿڪ مهم دوران محترمه کي پرتشدد انتهاپسندي ۽ ان جي سرپرستن خلاف سندس سماجي، لبرل ۽ سيڪيولر ايجنڊا کي شاندار موٽ ملي ته هوءَ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف جمهوري، ترقي پسند ۽ سول سوسائٽي جي قوتن جو وسيح اتحاد قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. هن سماجي ۽ آئيني سڌارن واسطي هڪ متبادل ايجنڊا لاءِ سول سوسائٽي جي بهترين دماغن ۽ دانشورن سان صلاح مشورا ڪيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان جو مثال آهي. هن انساني حقن جي ڪارڪنن آئيني ماهرن معيشتدانن ۽ زندگيءَ جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن سان بهتر حڪمراني، سماجي خدمتن جي فراهمي، غربت جي خاتمي، مذهبي عقيدي کان هٽي ڪري شهرين سان برابري وارو سلوڪ ڪرڻ، عورتن سان برابريءَ سان پيش اچڻ، سولين بالادستي، پاڙيسرين سان امن، دهشت گرديءَ جي پار پٽڻ ۽ ان نظريي کي شڪست ڏيڻ لاءِ صلاح مشورن جا جيڪي دور هلايا هئا سي سڀ يا اٿم.

هن جي شاندار سوڀ جي اڳ ڪٿي ڪئي ٿي وئي، ايتري قدر جو پنجاب ۾ به جتي نواز شريف پارٽي ۾ پيل ڏار اڃا ڀري نه سگهيو هو ۽ جتي عمران خان اڃا سياسي منظر ۾ ڪٿي به نه هو. سندس اوچتي وڇوڙي بهرحال هڪ خال پيدا ڪيو. جنهن سان باقي اڪيلي بچيل قومي اڳواڻ نواز شريف جي پنجاب ۾ واپسيءَ جو دڳ کليو.

بينظير ڀٽو جي شهادت سان جيڪو خال پيدا ٿيو تنهن جمهوري ۽ ترقي پسند سياست کي ڪاپاري ڌڪ رسايو.جنهن تي زرداريءَ جي هر ڪنهن کي ساڻ کڻڻ واري سوچ ذريعي سوديبازي ڪئي وئي، حالانڪه هن به جمهوريت جي جمهوريت ڏانهن منتقليءَ واري سلسلي کي صحيح دڳ تي رکڻ لاءِ ايئن ڪيو هو، مواخذي جي ڌمڪي ڏئي جنرل مشرف کان استعيفيٰ ڏيارڻ، اختيار واپس پارليامينٽ کي منتقل ڪرڻ ۽ ارڙهين آئيني ترميم ذريعي شاندار صوبائي خودمختياري يقيني بڻائڻ جو ڪريڊٽ آصف علي زرداريءَ ڏانهن وڃي ٿو پر مقبول عوامي سياست تي زرداريءَ جي بي اعتمادي پ پ جي ٻن وزيراعظمن جي خراب حڪمراني ۽ سنڌ ۾ قائم علي شاهه جي ڪمزور حڪمرانيءَ جي ڪري سڄي ملڪ اندر پ پ جي ساک کي شديد نقصان پهتو، خاص ڪري پنجاب ۾ جتي شريف خاندان جي طور طريقي کي هٿي ملي.

زرداريءَ ان اميد سان عمران خان کي مڪمل کليل ڇوٽ ڏئي وڏي غلطي ڪئي ته هو پنجاب ۾ بالادست قوتن کي ورهائي ڇڏيندو. پ پ قيادت جيڪو خال پيدا ڪيو تنهن جو عمران خان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو، پ پ مورڳو پنجاب اندر سماج جي غريب طبقن وارو بنياد بچائڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي. 2013ع جي عام چونڊن تائين پ پ پنجاب ۾ پنهنجون پاڙون اکيڙي چڪي هئي. پ پ ۽ اي اين پيءَ کي دهشت گرديءَ جو جيڪو خطرو هو تنهن به هنن ٻنهي لبرل جماعتن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊ مقابلن کان ٻاهر رکيو. انهن سڀني سببن جي ڪري عمران خان جي پنجاب ۾ نواز شريف ۽ خيبرپختونخوا ۾ اي اين پي جي متبادل طور اڀري اچڻ ۾ مدد ملي.

مفاهمتي پاليسيءَ جي ڪري پ پ پنهنجي عوامي مقبوليت وڃائيندي رهي، جهڙي نموني بينظير ڀٽو کي چيلينج ڪرڻ لاءِ نواز شريف کي اڀاريو ويو هو، انهن ئي قوتن پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز کي چيلينج ڪرڻ لاءِ عمران خان کي اڀاريو. سو غيرسياسي ۽ سياست مخالف روايتي شهري وچولي طبقي کي عمران خان جي صورت ۾ هڪ غيرسياسي اڳواڻ ملي ويو، جيڪو پراڻي سياسي طور طريقي کي ختم ڪرڻ جو داعي آهي.

جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لهڻ نه ڏيڻ وارين ڪوششن ۾ پ پ اصولي طور درست هئي ان جي ابتڙ عمران خان وري ڪرپشن خلاف ويڙهه جي آڙ ۾ عوام جي نمائندا نظام کي ئي ڊاهڻ تي بضد رهيو، عمران خان پ پ ۽ مسلم ليگ ن جي ڪمزورين ۽ سندن مبينا ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ جي معاملن کي کنيو. نواز مخالف پ پ ڪارڪنن کي عمران خان جي صورت ۾ حقيقي چيلينجر نظر اچڻ لڳو پر شهري ۽ ٻهراڙيءَ جا ووٽر ويڳاڻا رهيا انهن کي پ پ ، پي ٽي آءِ ۾ ڪا ڇڪ محسوس نه ٿي، سياست جي پٺتي پيل طبقن ۽ لبرل ترقي پسند ساڃاهه وٽ محترمه جي شهادت کان پوءِ ڪو به آپشن نه رهيو.

پ پ هينئر محترمه جو خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پ پ جي عوامي جماعت هئڻ واري ساک کي جيڪو نقصان پهتو آهي، سو به تمام وڏو آهي. تنهن هوندي به سندس سياسي وارث بلاول ڀٽو زرداريءَ کي عوامي موٽ ملندي به نظر اچي پئي. جيڪو پيءُ جي سياسي پاڇي ۾ بيهندي ماءُ جي سياسي ميراث کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. هن کي ماءُ جي سياسي واٽ ۽ پنهنجي پيءُ جي جاگيرداريءَ واري ۽ جوڙ توڙ واري سياست مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي. جيئن نواز شريف شهباز شريف جي ڪري مقبول عوامي سياست جو پاند ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، تيئن بلاول به جي هڪ پاسي امڙ جي سماجي لبرل سياسي واٽ جي بحاليءَ جي ڪوشش ڪندو ۽ پيءُ جي اقتداري جوڙ توڙ واري سياست ڏانهن ڪنڌ نوِيل رکندو ته پنهنجي پيرن تي بيهندڙ سياسي اڳواڻ طور اڀري نه سگهندو. هن جو محور ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار جو حصو نه هئڻ گهرجي، نه ئي هو ائين ڪري سگهي ٿو پر هن جو ڌيان سماجي جمهوري متبادل جي بحالي تي هئڻ گهرجي.

هن وقت تائين ته بلاول سماجي ۽ لبرل خيالن سان متحرڪ نموني سامهون آيو آهي پر هن لاءِ سڀ کان وڏي چيلينج سماجي ۽ جمهوري آجپي واري جامع ايجنڊا کي نئين نموني پيش ڪرڻ، عوام ۽ ترقي پسند ساڃاهه جو اعتماد بحال ڪرڻ آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڪري جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو تمام وڏو آهي ۽ هن جي ترقي پسند، جمهوري ۽ سهپ واري پاڪستان لاءِ ويڙهه اڃا ختم ناهي ٿي. بلاول به ڪوشش ڪري ڏسي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے