11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڪڏهن بهتر ٿيندا

مدد علي سنڌي

پاڪستان ۽ ڀارت  ٻئي ڏکڻ ايشيا جا ٻه اهم ملڪ  آهن. ٻنهي جي وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ جو  ڪارڻ جو مسئلو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ امن ڳالهيون به  وقت جي اهم ضرورت آهن.  پر ڪيترن معاملن ۽ مسئلن جي، جن ۾ ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيڻ  به شامل آهي. اهو معاملو اتي جو اتي پيل آهي. تازو ڀارت  جي آمريڪي چيف جنرل پپزاوت جو چوڻ  هو ته پاڪستان سان امن  مذاڪرت ان وقت ٿي سگهن ٿا، جڏهن بقول سندس ته ڪشمير ۾ دهشت گردي کي بند ڪرائي. ان کان اڳ ڀارتي  پرڏيهي کاتي جي هڪ ترجمان ويش ڪمار به اهو چيو هو ته جيڪڏهن اسلام آباد دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري ته ڀارت هن کان سٺا تعلقات  چاهي ٿو.

اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا ۾ هن وقت پاڪستان ئي اهو واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ ٻاهرين طاقتن جي زور تي رٿا بندي  هيٺ دهشت گردي جا واقعا ڪرايا پيا وڃن. ڇا ڀارت ۾ اهڙي دهشت گردي ٿئي ٿي؟ ان سوال جو جواب ڀارتي قيادت وٽ قطعي ڪونهي. ڀارت جي آرمي چيف جو مٿيون بيان  الزامن تي ٻڌل هڪ اهڙو بيان آهي، جيڪو انتها پسندي جي راهه  تي هلندڙ موجوده ڀارتي حڪومت ڏيندي پئي اچي. ان جي برعڪس پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد جنجوعا جو چوڻ هو ته ڀارت سان ٿيل تڪرارن جا ڳالهين جي مدد سان سيويلن حڪومت جي ڪنهن به اڳڀرائي جي حمايت ڪندو. هن جو چوڻ هو ته اسين ڀارت سان موجوده تڪراري مسئلن جو ڳالهين ذريعي نبيرو ڪنداسين، نه ڪي جنگ سان، ڇاڪاڻ ته اسان جي فوج ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا  ناتا جوڙڻ جي حق ۾ آهي.

هاڻ اوهين پاڻ غور ڪريو. جيڪو ملڪ خود دهشت گردي جي خوفناڪ واقعن ۾ مبتلا هجي، اهو ڇو ۽ ڪيئن ڪنهن ٻئي ملڪ  ۾ ويهي دهشت گردي ڪرائيندو؟ جيتريقدر والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ شورش جو تعلق  آهي ته اها پاڪستان  نه پر خود ڪشميرين جي جنگ آزادي آهي. جيڪا سالن کان اتي هلندڙ آهي، ۽ هن وقت اتي زور وٺي ويئي آهي. هن وقت ڪيترن ٻين تڪراري معاملن ۾ هڪ مسئلو لائين  آف ڪنٽرول تي فائرنگ جا واقعا به ڪنهن طرح سان وسارڻ جهڙا  نه آهن. ياد رهي ته 745 ڪلوميٽر ڊگهي حد بندي  يا لائين آف ڪنٽرول والاريل ڪشمير کي آزاد ڪشمير کان جدا ڪري ٿي، جڏهن ته 14 سال اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدن تي ٿيندڙ فائرنگ جي واقعن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ فائرنگ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا، ۽ اڪثر فائرنگ  جا واقعا ڀارتي سڪيورٽي فورسز طرفان ڪيا وڃن ٿا. ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ اڪثر بي گناهه ڪشميري ماريا وڃن ٿا. جيڪي لائين آف ڪنٽرول وٽ رهن ٿا.

بهرحال پنهنجو موضوع ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر تعلقات آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي حڪومت اسلام آباد ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان سندس ماءُ ۽ زال کي ملاقات جي اجازت ڏيئي  ڪشاده دلي جو اظهار ڪيو. جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته ڪلڀوشن ڀارتي رياستي دهشت گرديءَ جو هڪ بدنام چهرو آهي، جنهن پاڪستان ۾ دهشت گردي ڪرائڻ جو برملا اعتراف ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان 17 ڀيرا  آيو، ۽ بعد ۾ گرفتار ٿي ويو. پاڪستان کي ان سلسلي ۾ ڪيترن سوالن جا جواب لکندا رهيا پر ڀارتي حڪومت ان معاملي ۾ ڪو به سهڪار نه ڪيو. ياد رهي ته ڪلڀوشن جو هڪ وڊيو ريڪارڊ وارو بيان موجود آهي. جنهن ۾  هن چيو هو ته هو ڀارتي سامونڊي فوج جو هڪ حاضر عملدار آهي، ۽ ڀارتي ايجنسي را لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن ته سال اڳ بارڊر پار ڪري ايران کان پاڪستان ۾ داخل ٿيو  ۽ پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جي هٿان بلوچستان مان گرفتار ٿيو.

سال 2016ع ۽ بلوچستان مان گرفتار ٿيل ڪلبوشن سان ڀارتي حڪومت ڪو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي، پر  هن جي ماءُ ۽ زال ڀارت مان آيون، جن ڀارتي قونصل  جنرل سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. اها ڳالهه گهڻو ڪجهه ثابت ڪري ٿي. حاصل مقصد  اهو ته ڀارت جي موجوده حڪومت پاڪستان  دشمني تي ٻڌل پاليسيون اختيار ڪري پنهنجي اقتدار کي دوام  ئي ڏيڻ گهرجي. ۽ هو  انتها پسندي جي پاليسي ذريعي  ڀارتي سياست تي قابض رهڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ  برسر اقتدار  پارٽي جي مقابلي ۾ ڪانگريس جيڪا ڀارت جي سڀ کان پراڻي سياسي جماعت آهي ۽ جيڪا 132 سال پراڻي آهي، ان پارٽيءَ جي قيادت هاڻ انتهائي غير محسوس طريقي سان پراڻي نسل  جي اڳواڻي کان نئين نسل ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي. يعني جواهر لال نهرو جي ڏوهٽي راجيوگانڌي جو پٽ راهول گانڌي ڪانگريس جو سربراهه ٿي چڪو آهي. راهول گانڌي تازو ڪانگريس جي صدارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پهرئين تقرير ۾ ڀارتي جنتا پارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪانگريس ملڪ کي 21 صدي ۾ وٺي  آئي، پر بي جي پي سرڪار ڀارت کي پراڻي دور  ۾ وٺي وڃڻ  ٿي چاهي.  ۽ اها ڀارت  ۾ تشدد جي باهه پکيڙي رهي آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام مشڪل ڪم ٿي پيو آهي.

بي بي سي رپورٽ  آهي ته آهستي آهستي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي مقبوليت جو اثر گهٽجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ بي  جي پي ڪانگريس کي تمام ڪمزور جماعت سمجهي رهي آهي، پر اها نئين قيادت سبب ٻيهر زور وٺي سگهي ٿي. راهول گانڌي جو چوڻ آهي ته وٽس ڪجهه اهڙي معلومات موجود آهي، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مودي بدعنواني ۾ ملوث آهي.

هوڏانهن ڀارت ۾ مخالف سياسي جماعتن جو چوڻ آهي ته ڀارتيه جنتا پارٽي ڪنٽرول لائين تي ڇڪتاڻ جي بهاني، سياسي فائدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. پر انجي برعڪس مغربي ميڊيا جو موقف آهي ته ڀارت پنهنجي ڪيترن ئي اندروني معاملن سان پرڏيهي نظرون  هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾  خاص طرح ڪشمير جو مسئلو شامل آهي. ڇاڪاڻ ته والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڪاروايون خود ڀارتي سرڪار لاءِ ڳڻتي جوڳي مسئلي جي شڪل اختيار ڪري ويو ن آهن. هوڏانهن اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان جي سرڪار کي مسخ ڪرڻ لاءِ ڀارت طرحين طرحين  جون ڪوششون ڪري پيو، ڪجهه ماهرن جو  موقف آهي.

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 7 لک فوجي رکڻ جي باوجود ڪشميرين مان حريت تحريڪ کي ختم ڪرڻ ۾ قطعي طور تي ناڪام ويو آهي، جنهن ڳالهه کي لڪائڻ لاءِ ڪاوڙ مان ڀارتي حڪومت ڪجهه اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات  بهتري جي راهه تي نٿا اچي سگهن.

پاڪستان  جڏهن ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ ڀارت ڇو ٿو ڳالهين کان پري ڀڄي.

ڳالهين لاءِ اها بي  مقصد ڳالهه آهي ته پاڪستان، والاريل ڪشمير ۾ حريت واري تحريڪ کي بند ڪرائي، ڇا اهو ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته والاريل ڪشمير ۾ خود ڀارت جي 7 لک فوج موجود آهي، جيڪڏهن اها 7 لک ڀارتي فوج اتي ڪشميرين جي تحريڪ کي  نٿي ختم ڪرائي سگهي ته پوءِ  ڀر واري ملڪ تي الزام ڇو؟

ڇا ان ڳالهه کان انڪار ممڪن آهي ته  جنگ ۽ خون ذريعي ڪڏهن ماضي ۾ ڪي معاملا ۽ مسئلا حل ٿيا آهن، جو هاڻ ان جنگ ذريعي  ڪڏهن مسئلا حل ٿي سگهندا.

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سيويلن ۽ قومي سطح تي رابطا ضروري آهن. ان سلسلي ۾ عالمي طاقتن کي به ڀرپور ڪردار نڀائڻ گهرجي. يقينن دهشت گردي جي ڪا به سرحد نه  هوندي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ويڌن ڪنهن طرح سان سموري ڏکڻ ايشيا لاءِ بهتر ڪونهي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جنهن ۾ سوين بي گناهه شهرين کي بمن جا آپگهاتي ڌماڪا  ڪرائي، شهيد ٿو ڪيو وڃي. ان بابت ڪو به جواب ان عالمي طاقت وٽ  به ڪونهي، جنهن طاقت جو سمورو زور ڏکڻ ايشيا ڀارت تي پنهنجو ڪمائي فوجدار  بنائڻ آهي.

هڪ وڏي طاقت يعني آمريڪا کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪراري مسئلن جي حل بابت ڳالهين واري معاملي تي آڻڻ گهرجي. خاص ڪري ڀارت، جيڪو هن وقت آمريڪي موجوده پاليسين ۾ قيادت لاءِ وڻندڙ ملڪ آهي. جيڪڏهن اها فقط يڪطرفي ٽريفڪ هلائي، ڀارت کي دلپسند ملڪ ۽ پاڪستان کي ڌمڪين تي رکڻ چاهي ٿي، ته پوءِ معاملا۽ مسئلا حل ٿيڻ جوڳا نه آهن.

اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي بهرحال  اصل مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين تعلقات ۽ موجوده ڇڪتاڻ جو خاتمو  آهي. ان جي لاءِ جڏهن پاڪستان ڳالهين کي بنياد سمجهي ٿو،  ته پوءِ ڳالهين لاءِ  ڀارت کي تيار ڪرڻ لاءِ عالمي طاقتن کي اڳتي اچڻ گهرجي. ٻي صورت ۾موجوده ڇڪتاڻ جو خاتمو ۽ بهتر تعلقاتن جي ڳالهه فقط هڪ  خواب بڻجي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے