15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڇا سنڌ کي زراعت جو قبرستان بنائڻو آهي؟

جي اين مغل

سنڌ سان هيءَ بي واجبي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ ان جو ذميدار ڪير آهي؟ اڄڪلهه هي سوال هر سنڌيءَ جي ذهن کي ستائي رهيا آهن. ڪمند سنڌ جوهڪ اهم فصل آهي. اهو فصل سڄيءَ سنڌ ۾ پوکيو وڃي ٿو. انهيءَ فصل جي پوکائي سان نه فقط سنڌ جا هزارين آبادگار لاڳاپيل آهن، پر سنڌ جي هارين ۽ نارين ۽ ان فصل جي کڻائي سان لاڳاپيل پورهيتن جو روزگار به ڳنڍيل آهي. عملي طور انهن مڙني کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. هيستائين سنڌ جي  آبادگارن پاران، هاري ناري سنڌ جي  ڪارخانن کان سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ سبب يا ته ڪافي مقدار ۾ ڪمند ڪٽيو ئي نه ويو آهي ۽ زمين تي بيٺل آهي جيڪڏهن ڪٽيو به ويو آهي ته ڪارخانن طرفان ڪمند جي پيڙائي نه ڪرڻ سبب اهو سمورو ڪمند سڪي رهيو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ منهنجي نظرن مان اهڙا ڊاڪيومينٽ گذريا جن ۾ اهو انڪشاف ٿيل هو ته ڪو وقت هو جڏهن شايد سڄي دنيا ۾ زراعت جي حوالي سان ڪو به علائقو سنڌ جو مٽ نه هو. اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي. سنڌ شايد دنيا جو اهو منفرد علائقو آهي جنهن جي هنج ۾ سمنڊ  به  آهي  ته درياهه به، جنهن کي سنڌو درياهه چيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون ڍنڍون ۽ ڍورا آهن، جن جي اڄ ڏينهن تائين نه ڳڻپ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي انهن ڍنڍن ۽ ڍورن جي  ڪا سار سنڀال لڌي وئي آهي.

هڪ ڀيري سنڌ ۾ يو اين ڊي پي جي سربراهه جناب مسعود لوهار ڪچهري ڪندي انڪشاف ڪيو ته ڪنهن دور ۾ سنڌ ۾ پوکجندڙ ڦٽيون ٽن قسمن جون هونديون هيون، انهن مان ڦٽيءَ جو هڪ قسم اڇو هوندو هو جيڪو هن وقت به  سنڌ ۾ پوکيو وڃي ٿو. باقي ڦٽين جي ٻين قسمن مان هڪ جو رنگ هلڪو نيرو هوندو هو ته ٻيو قسم سونهري رنگ جو هوندو هو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسين سنڌي ڦٽيءَ جي انهن ٻن قسمن جو تحفظ نه ڪري سگهياسين ۽ ڦٽيءَ جا اهي ٻئي قسم سنڌ مان غائب ٿي ويا. مسعود لوهار ٻڌايو ته هڪ ڀيري يو اين ڊي پي جي ڪجهه پراجيڪٽن جي سلسلي ۾ سندس سرائيڪي علائقي ۾ وڃڻ ٿيو. هن چيو ته آئون هڪ رات ان علائقي جي هارين وٽ مهمان هوس ته ڪجهه هارين شڪايت ڪئي ته سنڌ ڦٽيءَ جي انهن ٻن قسمن جو تحفظ نه ڪري سگهي، پر اهي ٻئي قسم اسان سرائيڪن وٽ موجود آهن. جيڪي اسين وقت به وقت پوکيندا رهندا آهيون. ائين چئي هڪ هاري پنهنجي گهر ويو ۽ اتان انهن  ٻنهي قسمن جون ڦٽيون ٿانو ۾ کڻي وٽس آيو ۽ آئون اهو  ڏسي حيران ٿي ويس ته واقعي ڪجهه ڦٽيون هلڪيون نيري رنگ جون هيون ته ٻيون ڦٽيون سونهري رنگ جون هيون.

مختلف ڊاڪيومينٽس پڙهڻ کانپوءِ آئون ڪيتري عرصي کان ان راءِ جو رهيو آهيان ته اسان سنڌين سنڌ سان رهايو ئي ناهي. پر ان ڏينهن مسعود لوهار جون اهي ڳالهيون ٻڌي آئون ان نتيجي تي پهتس ته منهنجي اها راءِ درست آهي. ان ڳالهه جي ذڪر ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ جي زراعت جو ڇا عروج هو ۽ اسان سنڌين ان جي عروج کي ناس ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. پر اها ته ماضيءَ جي ڳالهه آهي. هن وقت ڇا پيو ٿئي؟ مون کي جيئن ته ڪمند جي فصل بابت تفصيل سان ذڪر ڪرڻو آهي تنهن ڪري مختصر طور تي ان ويڌن جو ذڪر ڪندس جيڪا سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل ۽ ٻين اهڙن اسمن جهڙوڪ مرچ ۽ کجي سان روا رکي ويو آهي. ڪڻڪ جي باري ۾ ڪيترن ئي مهينن کان سنڌ جي اخبارن ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن جون اهي شڪايتون شايع ٿي رهيون آهن ته سنڌ ۾ جيتوڻيڪ هاڻ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ٿئي پئي، پر ان کي ڏيساور برآمد ڪرڻ جو ڪو به مناسب بندوبست نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ کي ذخيرو ڪرڻ وارا جيڪي به گودام آهن اهي ڪيتري ئي  عرصي کان ڀريا پيا آهن ۽ اها ڪڻڪ ائين سڙي پئي ۽ ضايع پئي ٿئي.

انهن اخباري اطلاعن مطابق سنڌ جي ڪڻڪ جي آبادگارن کي هن وقت اها به شڪايت آهي ته هاڻي  سنڌ ۾ جڏهن ڪڻڪ جو فصل لهندو ته اها ڪڻڪ ڪٿي ذخيرو ڪئي ويندي. هو سوال ڪن ٿا ته ڇا اها ڪڻڪ کليل ميدانن تي ڊڳ ڪري رکي ويندي پوءِ ڀلي اُس ۾ سڪي يا  بارش ۾ تباهه ٿئي يا ڀلي ته اها ڪڻڪ ڪتا، ٻلا ۽ ڪوئا پيا کائين. ته جناب انهن اطلاعن مطابق ڪڻڪ جهڙي اهم ۽ حساس فصل جي باري ۾ به اهو رويو اختيار ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف  سنڌ ۾ڪنري واري پاسي وڏي پئماني تي مرچ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنري جي مرچ منڊي  ته سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، پر ڇا مرچن جي انهيءَ پيداوار جي برآمد بابت ڪا پاليسي جوڙي وئي؟ ڇا ساڳيورويو خيرپور جي ڪتل ۽ خارڪن بابت اهو رويو اختيار ته نه ڪيو ويو آهي.

هاڻ اسين ڪمند جو ذڪر ڪيون ٿا. خبر ناهي  ته سنڌ جي موجوده “مالڪن” ، آفيسرن، ماهرن ۽ آبادگارن مان ڪيترن کي اها ڄاڻ آهي ته کنڊ ڪمند جي سوڪروز جزن مان ٺهندي آهي، ماهرن مطابق سوڪروز جي جزن جو جيترو تناسب ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ پوکيل ڪمند ۾ٿئي ٿو اوترو تناسب صوبي ۽ ملڪ جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ پوکيل ڪمند ۾ ڪو نه ٿو ٿئي. هونئڻ ته ائين گهربو هو ته شروع کان ٺٽي ۽ بدين ضلعن کي ڪمند  پوکڻ لاءِ  مخصوص ڪيو وڃي ها ۽ بعد ۾ ان ڪمند لاءِ وڌ کان وڌ ڪارخانا انهن ضلعن ۾ قائم ڪيا وڃن ها. انهيءَ ڳالهه ڏانهن به هيستائين اسان جي حڪمرانن ڪو به توجهه نه ڏنو. پر جيڪڏهن ائين ڪيو به وڃي ها ته ان جو حشر به اهو ئي ٿئي ها جيڪو هن وقت ٺٽي ۽ بدين ۾ پوکيل انهيءَ ڪمند سان ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ “شگر ڪين ايڪٽ” نالي سان قانون آهي، انهيءَ قانون تحت ڪمند جو اگهه مقرر ٿيندو رهيو آهي، ۽ هن ڀيري به گهڻي مٿا ڪٽ کانپوءِ سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه 182 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ته ان اگهه تي کنڊ جا ڪارخانا ڪمند جي آبادگارن کان ڪمند  خريد ڪندا. پر ڪارخانيدارن ان اگهه تي ڪمند  خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اها ان قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. پر کنڊ جي ڪارخانيدارن کي چوڻ وارو ڪو به ناهي.

چيو وڃي ٿو ته ڪمند جا اڪثر ڪارخانا “ڏاڍن” جي هٿن ۾ آهن. قانون هنن کان طاقتور ناهي، پر هو قانون کان طاقتور آهن. انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪارخانن طرفان ڪمند نه کڻڻ جي ڪري ڪيترن ئي مهينن کان ڪمند سڪي پيو. ان جي خلاف ڪمند جا آبادگار صوبي جي  مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري چڪا آهن. پر ڪارخانيدار ۽ سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه رڙهي ٿي.

آبادگارن ۽ هارين طرفان پر امن مظاهرو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بلاول هائوس وٽ ڪيو ويو هو، پوليس سنڌ جي انهن پرامن احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين تي شديد  تشدد ڪيو. بحرحال ان دوران هڪ ڳالهه ضرور مثبت نظر آئي ته پ پ جي نوجوان چيئـرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پرامن مظاهرو ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين تي ٿيندڙ ان تشدد جو نوٽيس ورتو ۽ اخباري اطلاعن مطابق هن ان ڪارروائي جي مذمت ڪندي هدايتون جاري ڪيون ته تشدد ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪمند جي آبادگارن کي قانون مطابق  طئه ٿيل اگهه ڏئي هنن کان ڪمند خريد ڪيو وڃي. پر کنڊ جي ڪارخانيدارن ته ڇا سنڌ حڪومت به انهن هدايتن جو ڪو به نوٽيس نه ورتو. ائين ٿو لڳي ته بلاول صاحب جو اهو دڙڪو ڪنهن ٻڌو ئي ڪون. شايد ان ڪري جو ڪمند جي ڪارخانن جي مالڪن ۾ ڪو “وڏو” به شامل آهي.

اخباري اطلاعن مطابق کنڊ جا ڪارخانا بند هجڻ سبب سنڌ ۾ ڪمند جي ڪٽائي ڪندڙ اٽڪل هڪ لک هاري ۽ پورهيت بيروزگار ٿي چڪا آهن. پر شايد کنڊ جا ڪارخانا ڪنهن “طاقت” جي ڪلهي تي چڙهيل آهن. ان بانور سبب هنن کي پرواهه ناهي ته سنڌ جا هڪ لک هاري ۽ پورهيت بيروزگار ٿين ٿا يا 10 لک. اخباري اطلاعن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته کنڊ جا ڪارخانا بند هجڻ سبب 15 مهينن کان سنڌ ۾ ڪمند جي ڪٽائي شروع نه ٿي سگهي. سوال اهو آهي ته 15 مهينن تائين سڪڻ کانپوءِ ان ڪمند مان ڪيتري مقدار ۾ کنڊ تيار ٿي سگهندي. افسوس اهو آهي ته ان طرف ڪنهن جو به توجهه ناهي. چوندا آهن ته ڏاڍي کي ٻه مٿا هوندا آهن، پر هنن ڏاڍن کي ٻه ڇا شايد 10 مٿا آهن. اهي به اطلاع آهن ته ميرپورخاص ۾ آبادگارن جي ڌرڻي دوران هڪ مايوس هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، خبر ناهي ته هن جي زندگي بچي يا نه، جيڪڏهن خدا نه خواستا ان شخص جي زندگي نٿي بچي ته ان جو ذميدار ڪير هوندو. اهي به اطلاع آهن ته هاڻ ڪمند جي آبادگارن مايوس ٿي فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن 5 جنوري تائين هنن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته هو ان ڏينهن ميرپورخاص ڌرڻو ڏيندا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندا. انهيءَ مرحلي تي اهي به انديشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته ان ڏينهن مايوس هاري پاڻ کي باهه ڏين يا نه ممڪن آهي ته ان ڏينهن ڏاڍن جا ماڻهو هنن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏين.

ان صورتحال بابت اڪثر حلقا اهو به سوال ڪن ٿا ته سنڌ اسيمبلي جو وجود باقي آهي يا نه يا ان کي به ساڙي خاڪ ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي اڃا موجود آهي ته ان مسئلي کي ڪو اسيمبلي ۾ ڇو نٿو کڻي. اهڙي صورتحال تي تبصرو ڪندي اڪثر ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائيندي اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته دانهن ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي. بحرحال قصو مختصر جيڪڏهن سنڌ ۾ انهيءَ صورتحال کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي ته شايد پهرين مرحلي ۾ ڪمند جي فصلن کي سنڌ جي قبرستان ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ٻئي  مرحلي ۾ سنڌ جي سموري زراعت دفن ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے