12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستاني سياست ڊيڊلاڪ ۽ مايوسين جي گهيري ۾

پاڪستان ۾ سياسي طور هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهري طور ڊيڊلاڪ ۽ اندروني طور سياست جا وهڪرا هڪ پاساوان ٿيندا پيا وڃن، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ملڪي سياست ۾ عالمي دخل اندازيون ۽ انهن جو اثر قبولڻ آهن. پاڪستاني سياست جو لوڪل ڪمن ۾ عالمي اثر رڳو بدقسمتي ئي آهي، جنهن خلاف ڪي به اهڙيون صورتون نظر نه ٿيون اچن جنهن سان اها ڳالهه محسوس ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ سياسي طور سڌارا اچي رهيا آهن.

ڪالهه پاڪستان عوامي تحريڪ جي ميزباني ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت شريف فيملي خلاف مورچابند ٿيندي نظر اچي ٿي. اها سرگرمي ڊيڊلاڪ وڌائيندي يا ان ۾ ڪي ڏار پوندا، اها سياست ۾ خوشگوار بدلي هوندي يا ان سان معاملا تهائين خراب ٿيندا، واري سوال جو نتيجو اوس اچڻو آهي.

ان ملاقات کان پوءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته پ پ جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي آهي، پيپلز پارٽي پهرين ئي ڏينهن کان عوامي اتحاد سان گڏ آهي، تحريڪ جي سربراهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات کان پوءِ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڀاڻي واري آل پارٽيز ڪانفرنس بابت به پيپلز پارٽي جي قيادت سان ڳالهيون ٿيون آهن، پ پ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي وچ ۾ هر نقطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته هاڻ سعودي عرب ۾ انهن کي ڪير به اين آر او نه ڏيندو، اڳوڻي صدر سان اي پي سي جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سڀني جي لاءِ هڪ آهي، پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي انصاف ٿيڻ گهرجي ان تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ جي معاملي ۾ به انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته طاهر القادري جو ٿورائتو آهيان جو هن دعوت ڏني، ماڊل ٽائون سانحي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته ميڊيا تي به ڏيکاريو ويو ته ڪيئن ماڻهن تي گوليون وسايون ويون. ماڊل ٽائون سانحو لاهور جهڙي گنجان آباد علائقي ۾ ٿيو آهي. پيپلز پارٽي هميشه ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي، ماڊل ٽائون سانحي تي ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهيون. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي ۽ پاڻ کي قانون جي آڏو پيش ڪرڻو پوندو. غريبن جو رت اڄ نه ته سڀاڻي رنگ لاهيندو. سندس چوڻ هو ته لاهور جهڙي شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فائرنگ ڪئي وئي، ڊاڪٽر طاهر القادري جي اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين ۽ اسان ٻيهر اهو مطالبو ڪيون ٿا ته شهباز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هاڻ ٻيهر اهڙي مذاق نه ڪرڻ ڏبي. هن چيو ته ن ليگي وزير چون ٿا ته سياسي جا فيصلا عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجن، اسان جا ادارا خودمختيار آهن، ڪنهن جا به غلام ناهن، هي ملڪ کي ايترو قرضي ڪن پوءِ به آئون انهن سان گڏ بيهان ته اهو قوم کي منظور نه هوند، قادري صاحب جنهن پوزيشن تي آهي ساڻس گڏ آهيون، باقي هر ڪو پنهنجي سياست ڪري، مشرف وٽ پنهنجي بيان جو ڪو به منطق ناهي. هن چيو ته ميان صاحب هن وقت تائين اهو چوندو پيو وتي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو.

پاڪستان جي سياسي پارٽين کي پنهنجي حڪمت عملي ملڪ جي سياست لاءِ ملڪ جي حدن اندر ئي ڪرڻ گهرجي، ٻي حالت ۾، ملڪ جي سياست ۾ اندروني ۽ ٻاهرين مداخلت کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

 ڇنڇر  30 ڊسمبر 2017ع، 11 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے