18 جمعرات , اکتوبر 2018

جسم جي چرٻي ڳارڻ وارو حيرت ۾ وجهندڙ اسٽيڪر

سنگاپور(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙي حيرت ۾ وجهندڙ پيوند (پيچ) بڻايو آهي جنهن کي جسم تي چپڪائي جسم جي چرٻي کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ننيانگ يونيورسٽي سنگاپور جي سائنسدانن اليڪٽرونڪ اسٽيڪر کي ڪوئن تي آزمايو آهي. هڪ پيوند جي اندر ڪيتريون انتهائي سنهڙيون سيون آهن جن ۾ ٻن مان ڪا هڪ دوا سان ڀريل آهي. يا ته انهن سُيُن ۾ بي ٽا ايڊرنرجڪ ريسپٽر آهي يا وري ٿري ٽراءِ آئيوڊوٿائرو نائن نالي ٿاءِ رائيڊ هارمون ڀريو ويو آهي. اهي ٻئي هارمون سخت اڇي چرٻي کي ڀوري (برائون) چرٻي ۾ تبديل ڪندا آهن جنهن کي جسم وڌيڪ بهتر انداز ۾ ختم ڪندو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي هارمون منهن جي ذريعي کايا وڃن ته ان جا سنگين ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا انهيءَ ڪري اها پيوند تيار ڪئي وئي آهي. تجرباتي طور تي ان کي ٿلهن ڪوئن تي ٻن منٽن تائين لڳايو ويو ته مائيڪرونيڊلز ( باريڪ سُيون) جسم ۾ ڀڄي پيون. اهي سيون انساني وار کان به وڌيڪ سنهڙيون آهن جنهن ۾ ڪا خاص تڪليف ناهي ٿيندي. جسم جي اندر ڀڳل سُيُون آهستي آهستي ڳري وينديون آهن ۽ آهستي آهستي دوا سڌي سنئين جسم ۾ داخل ٿي ويندي آهي. ائين انساني جسم تي موجود چرٻي گهٽجي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڊ ڪندڙ ملازمن لاءِ معاوضي جو اعلان…!

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ ملازم ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن، جنهن سبب انهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے