16 اتوار , دسمبر 2018

ايران ۾ مهانگائي خلاف هزارين شهري روڊن تي نڪري آيا، ڪيترائي گرفتار

تهران( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ مهانگائي خلاف مظاهرن ۾ شدت اچي وئي آهي، جڏهن ته مظاهرن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران ۾ هڪ هفتي دوران آنن جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافي ۽ ايراني صدر طرفان ايندڙ بجيٽ ۾ ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ پنهنجي مسافرن تي ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا آهن. پوليس طرفان مظاهرين کي روڪڻ لاءِ شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته چڪرين دوران 52 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.  شهرين جي گرفتارين کانپوءِ مظاهرن جو دائرو وڌي حڪومت مخالف احتجاج تائين پکڙجي ويو آهي، مظاهرين سياسي قيدين جي آزادي ۽ پوليس طرفان تشدد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. حڪومت طرفان غير قانوني ميڙاڪن خلاف وارننگ جاري ٿيڻ باوجود سڄي ملڪ مان سوشل ميڊيا تي احتجاج جي ڪال ڏني پئي وڃي، هاڻي مظاهرن جو سلسلو 8 شهرن تائين پکڙجي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيندڙ احتجاج جي وڊيوز ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ عوام ۾ ٿيندڙ چڪريون ڏسي سگهجن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian troops martyr five Kashmiri youth in Pulwama

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي دهشتگردي، وڌيڪ 9 ڪشميري شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے