22 پیر , اکتوبر 2018

پ پ پرويز مشرف سان ڪو اين آر او نه ڪيو هو: رحمان ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي پرويز مشرف سان ڪنهن ”اين آر او“ جو نتيجو نه هئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جي حوالي طالبان جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ بيت الله محسود، القاعدا جو ٻيو اهم ڪمانڊر ابو عبيدا مصري به شريڪ ٿيو. ٻن آپگهاتي حملي آورن بلال ۽ اڪرام الله کي ٻه لک رپيا ڏئي ميرانشاهه جي هڪ مدرسي ۾ موڪليو ويو، ٻئي حملي آور هڪ رات مدرسي ۾ رهيا ۽ ٻئي ڏينهن گاڏي ذريعي حقانيا مدرسي پهتا. سندس چوڻ هو ته بينظير جي قتل کانپوءِ اسان وٽ ان ڳالهه جون مڪمل شاهديون هيون ته ان ۾ القاعدا ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان شامل آهن. رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته منهنجي ڄاڻ موجب ٻيو آپگهاتي بمبار اڪرام الله جيئرو آهي، ان پاڪستان ۾ شادي ڪئي ۽ جڏهن کيس خطرو محسوس ٿيو ته افغانستان فرار ٿي ويو، جتي مٿس قنڌار ۾ حملو ڪيو ويو، جيڪو ناڪام رهيو ۽ هو هن وقت به قنڌار ۾ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت کي ان حوالي سان خط لکي رهيا آهيون ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد جي افغانستان ۾ موجودگي کي سرڪاري سطح تي اٿاريو وڃي. رحمان ملڪ چيو ته پرويز مشرف هن وقت عدالت مان غير حاضر آهي، کيس گهرجي ته پنهنجي وضاحت عدالت ۾ اچي پيش ڪري، جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي اڳوڻن وزيراعظمن جهڙي سيڪيورٽي ملي ها ته شايد اها بچي وڃي ها. سندس چوڻ هو ته پ پ پرويز مشرف سان ڪنهن اين آر او تي صحيحون نه ڪيون پر اها رڳو ملڪ ۾ ٻيهر جمهوريت آڻڻ جي ڪوشش هئي، بينظير ڀٽو ڪنهن اين آر او تحت ڏيهه نه موٽي هئي پر پرويز مشرف ته بينظير کي فون ڪري اها ڌمڪي ڏني هئي ته توهان جي سيڪيورٽي جو دارومدار توهان جي سهڪار تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي لاءِ آمريڪي ناظم الامور آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے