20 منگل , نومبر 2018

2017ع ۾ ملڪ اندر ٿيل دهشتگرد ي

عبدالسعيد چنا

پاڪستان ڪيترن ئي ورهين کان دهشتگرد کي منهن ڏئي رهيو آهي، حملن جي نتيجي ۾ بي گناھھ شهرين سميت سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيندا رهيا آهن تنهن باوجود به عالمي طاقتون پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو ڪري هتان جي ماڻهن جي ڦٽن تي ويتر لوڻ ٻرڪي رهيون آهن.

2017ع ۾ ملڪ اندر دهشت ۽ وحشت جو راڄ قائم رهيو، سڄي سال ۾ ڪيترائي دهشتگرد حملا ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ ڪيل آپگهاتي ڌماڪو شامل آهي.

2017 دوران ٿيل دهشتگردي جي واقعن کي نظر وجهڻ سان اها ڳالھھ ظاهر ٿئي ٿي  ته حڪومت طرفان قومي ايڪشن پلان سميت مختلف آپريشن ڪرڻ باوجود دهشتگردن جي ڪارراوين تي ڪو خاص اثر نه پيو آهي.

حڪومت طرفان دهشتگردن جي چيلھھ چٻي ڪرڻ وارين دعوائن باجود 2017 ۾ جيڪي دهشتگرد ڪارراويون ڪيون ويون انهن جو تت هن ريت آهي.

2017ع  جي پهرين مهيني ۾ ئي دهشتگردن پنهنجا ڪارناما شروع ڪيا، 20 جنوري تي پارا چنار جي سبزي منڊي ۾  آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن۾ 25 ماڻهو شهيد ٿي ويا جڏهن ته 87 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دهشتگردن فيبروري ۾ انيڪ حملا ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.

فيبروري ۾ پهريون دهشتگرد حملو 12 تاريخ تي هڪ خانگي ٽي وي چينل سما جي ڊي ايس اين جي تي ڪيو ويو جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪيمرامين تيمورخان مارجي ويو، جنهن جي ذميواري پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي.

12  فيبروري جو سج به دهشتگردي واقعا کڻي آيو جنهن ۾ پهريون واقعو پنجاب اسيمبلي آڏو آپگهاتي ڌماڪي جي شڪل ۾ ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت 14 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا ۽ 87ماڻهو زخمي ٿيا.

15 فيبروري جو ڏينهن به اڀاڳو ثابت ٿيو جنهن ۾ پشاور جي حيات آباد واري علائقي کي دهشتگردن نشانو بڻايو جنهن ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ساڳئي ئي ڏينهن مهمند ايجنسي ۾ دهشتگردن حملو ڪري 3 ليويز اهلڪارن سميت 5 ڄڻن کي شهيدڪري ڇڏيو.

16  فيبروري واري ڏهاڙي دهشتگردن عظيم صوفي هستي لال شهباز قلندر جي درگاھھ تي وحشي صفت ماڻهن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي۾ 88 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

16 فيبروري واري ئي ڏهاڙي آواران ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 3 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

17  فيبروري وارو ڏينهن به ملڪ لاءِ ڪارو ثابت ٿيو، دهشتگردن ان ڏهاڙي تي ديرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ٿيا.

21   فيبروري واري ڏهاڙي ڪي پي جي چارسده جي سيشن ڪورٽ عمارت آڏو آپگهاتي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

مارچ مهيني ۾ به دهشتگرد ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو.

6 مارچ واري ڏهاڙي افغان سرحد ويجهو مهمند ايجنسي ۾ چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي  ۾ 5 فوجي اهلڪارن سميت 10 ڄڻن شهادت جو جام پيتو.

31  مارچ واري ڏهاڙي پارا چنار ۾ امام بارگاھھ ٻاهران آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي۾ 25 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا ۽ 90 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اپريل جو مهينو به اڀاڳو رهيو، 14 اپريل تي ڊيرا غازي ۾ آپريشن دوران رينجرز جا 4 اهلڪار شهيد ٿيا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

25  اپريل واري ڏهاڙي ڪرم ايجنسي ۾ 6 ٻارڙن سميت 9 ڄڻن کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سال جي پنجين مهيني ۾ به دهشتگردن وحشت جو راڄ قائم رکيو.

12 مئي تي مستونگ ويجهو سينيٽر جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.

13  مئي تي بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪنڊيارو واسي 10 پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو.

جون جي مهيني ۾ به دهشتگرد حملن کان نه مڙيا.

24  جون تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا مارجي ويا ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿيا.

23  جون واري ڏهاڙي پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙن پارا چنار ۾ 2 آپگهاتي حملا ڪري 75 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ 150 ڄڻا زخمي ڪري ڇڏيا.

جولاءِ جي 10 تاريخ چمن ۾ دهشتگردن آپگهاتي حملو ڪري 3 ڄڻن کي موت جو کاڄ بڻايو ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

24  جولاءِ تي لاهور ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي۾ 25 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 53 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آگسٽ جي مهيني ۾ به دهشتگردي جو سلسلو جاري رهيو، 12 آگسٽ واري ڏهاڙي ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 سڪيورٽي اهلڪارن سميت 15 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آڪٽوبر جي 5 تاريخ تي بلوچستان جي مشهور درگاھھ رکيل شاھھ تي دهشتگردن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 30 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

18  آڪٽوبر واري ڏهاڙي ڪوئيٽا جي سرياب واري علائقي ۾ دهشتگردن حملو ڪري پوليس 7 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا .

سال 11 هين مهيني ۾ به دهشتگرد ڪارراوين جو سلسلو جاري رهيو.

9  نومبر واري ڏهاڙي دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس آفيسر سميت 3 اهڪار شهيد ٿيا.

24  نومبر تي به ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اي آءِ جي اشرف نور محافظ سميت شهيد ٿي ويو جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

سال جي آخري مهيني۾ به دهشتگردن ڪارروايون جو سلسلو جاري رکيو.

پهرين ڊسمبر تي پشاور جي زرعي يونيورسٽي تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻاشهيد ٿيا .

17  ڊسمبر تي ڪوئيٽا ۾ چرچ تي حملي جي ڪوشش دوران آپگهاتي ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 57 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

2017  ۾ دهشتگردي جي واقعن ڪيترائي گھر اجاڙيا ۽ انيڪ ماڻهن کي گھايل ڪري درد جو داستان بڻجي پڄاڻي تي پهتو پر 2017 دوران آمريڪا سميت مختلف ملڪن طرفان پاڪستان کي دهشتگردن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ واريون ڳالهيون زخمن کي ناسور بڻجڻ طرف ڌڪڻ برابر رهيون.

عالمي طاقتن کي اها چال ختم ڪرڻي پوندي جنهن ۾ پاليسي نه پر منافقت شامل هجي.

هن ڀيري حڪومت توڙي پاڪ فوج آمريڪي  بيانن جو ڀرپور جواب ڏئي اهو واضع ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي نه پر ڪنهن ٻئي جي جنگ وڙهي رهيو آهي پر هاڻي ڪنهن ٻئي جي ويڙھھ نه وڙهندو.

پاڪ فوج ۽ حڪومت جي هن دليراڻي فيصلي مان واضع ٿي رهيو آهي ته دهشتگردن کي ڇٿڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويا آهن.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے