15 ہفتہ , دسمبر 2018

سال 2017 ۾ وڇڙي ويل شخصيتون

سعيد چانڊيو

 

    2017ع  سنڌ جي ساڃاھه وندن جي وڇوڙي جو سال آهي ، جيڪو سنڌ جو هڪ وڏو نقصان آهي.  ڇو ته ساڃاھه وند جو جنم صدين ۾ ٿيندو آهي، ۽ اهو خال صدين تائين ان ڌرتي کي کائيندو رهندو آهي، جنهن جو پورائو به صدين تائين ڪو نه ٿيندو آهي. هي سال ته ڪجھه ڪلاڪن جو مهمان آهي، پر اسان کان ڊاڪٽر حميده کهڙو ، خاڪي جويو ، محمد ابراهيم جويو ، رشيد راڄڙ ۽ عبدالستار ڀٽي جهڙا عظيم انسان کسيون  پيو وڃي . جن جي ڪاوشن جو مختصر ذڪر هت ڪجي ٿو.

 ڊاڪٽر حميدا کهڙو

شهيد محترمه بينظيرڀٽو کان پوءِ هيءَ ٻي عظيم هستي هئي جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان هو. ڊاڪٽر حميدا کهڙو جو شمار سنڌ جي وڏن سياستدانن ، تاريخدانن ، تعليمدانن ۽ سماجي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.  ڊاڪٽر حميدا کهڙو سنڌ جي نياڻي طور سڃاتي ويندي آهي، سندس شمار سائين جي ــ ايم سيد جي ويجھن ساٿين ۾ ٿئي ٿو. قومپرست سياستدان جي حوالي سان سڃاتي ويندڙ ڊاڪٽر صاحبه جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن پڻ رهي. ڊاڪٽر حميدا کهڙو 1990ع ۽ 2004ع ۾ ٻه دفعا تعليم جي وزير طور پڻ فرائض سر انجام ڏنا. 2004ع واري مشرف دور ۾ عورتن واري خاص سيٽ تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي. ڊاڪٽر صاحبه سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ۽ ادب ۽ لکڻ پڙهڻ سان پڻ چاھه رکندڙ هئي. سندس ڪيترائي سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ڪالم ڇپيا. ان کان علاوه ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشهور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. سندس تعليم جي وزير طور ڪيل ڪم ساراھه جوڳو آهي. سندس وڏو ڪارنامو اهو هو جو پاڻ هڪ آمر جي دور سان لاڳاپيل هوندي به سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ ميرٽ تي نوجوان ڀرتي ڪرڻ جو ڪم ڪيائين سندس ان ئي ڏوھه تي  کيس لاڳاپيل وزارت تان هٽايو ويو. پاڻ وزارت تان هٽڻ پسند ڪيائين پر ميرٽ جي لتاڙ کي قبول ڪو نه ڪيائين. هيءَ نياڻي هن ئي سال 12 فيبروري تي اسان  کان هميشه جي لاءِ وڇڙي وئي. ڊاڪٽر حميدا کهڙو جون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به نه ٿيون وساري سگھجن. ڊاڪٽر صاحبه کي سنڌي ماڻهو هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪندا.

خاڪي جويو

سندس اصل نالو خميسوخان هو ، پاڻ هڪ غريب هاري جي گھر ۾ پيدا ٿيو. خاڪي صاحب گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، سندس سڃاڻپ هڪ ئي وقت قومي ڪارڪن ، سياسي دانشور ، انقلابي شاعر ، تنقيدنگار ۽ تجزئي نگار طور آهي. خاڪي ڪيترن ئي موضوعن تي لڳ ڀڳ 40 ڪتاب سنڌ ادب کي ارپيا. خاڪي جيي جو ادبي ميدان ۾ اهم ڪارنامو سندس مخزن “ ساڃاھه ” آهي جيڪو پاڻ مرڻ گھڙيءَ تاري شايع ڪندو رهيو. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۾ سندس لکڻيون سينگار جو سبب بڻيون. هن محبوب ترقي پسند دانشور هن ئي سال 2 مئي تي اسان کان وڇوڙو ڪيو. سندس وڇوڙو سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ وڏو خال آهي، جيڪو ڀرجڻ بيحد مشڪل آهي. سندس لکڻيون هميشه هن عظيم دانشور کي زنده رکنديون اينديون .

3- ڊاڪٽر خير محمد جوڻو:

سال 2017ع جي 22 آگسٽ تي عوامي آواز اخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو. سندس چاليهي تي عوامي ميڊيا گروپ طرفان سندس لاڏاڻي کان پوءِ لکيل مضمونن ۽ ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب ”من موڪلائي ويو“ شايع ڪيو ويو، جنهن جو سهيڙيندڙ نوجوان صحافي ۽ شاعر رزاق عاصي آهي.

محمد ابراهيم جويو

هن ئي سال اسان کان هڪ صديءَ جي تاريخ  سائين ابرهيم جويي جي روپ ۾ کسي ورتي. نوان فڪري لاڙا متعارف ڪرائيندڙ ابرهيم جويي کي شيخ اياز کان ويندي رسول بخش پليجي تائين سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پنهنجو استاد تسليم ڪنديون رهيون. حقيقت ۾ سائين ابراهيم جويي سنڌي ادب کي ڪيترائي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جا ڀنڊار ڪتابن جي صورت ۾ آڇيا ۽ مهان ڪوي شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا. پاڻ ون يونٽ وقت بيحد سرگرم رهڻ سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ آخري گھڙي تائين ڪم ڪندو رهيو. سائين ابرهيم جويو سنڌي ماڻهن جي بيداريءَ ، نئين نسل جي شعوري آبياريءَ لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو. سندس سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪيل خدمتون قابل ذڪر آهن ، جتي پاڻ ٻوليءَ جي ترقي، واڌ ويجھه ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ لاءِ عالمي ادب جا مشهور ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب تي وڏو احسان ڪيو. ابراهيم جويي هميشه سنڌي ماڻهن جا ڏک سور پنهنجا ڏک سور پئي سمجهيا. سائين ابراهيم جويو سڄي ڄمار جدوجهد جي علامت رهيو، هو نه صرف سنڌ جو بلڪ پوري عالم جو درد رکندڙ عالم هو. سندس زندگي تي نظر وجھنداسين ته اها ڳالھه واضح ٿي بيهندي ته سندس زندگيءَ ۾ سنڌ پنهنجي حيات کان بيحد عزيز هئي، انڪري ئي هن پنهنجي زندگيءَ جي پل پل جو بي حد قدر ڪندي ان زندگي جي هر پل کي سنڌ ، سنڌي ماروئڙن ۽ سنڌي ٻولي ، علم ۽ ادب جي نانءُ ڪيو. سائين ابرهيم جويو هڪ صديءَ  جي تاريخ هو، گذريل صديءَ ۾ سنڌ سوين اديب ، دانشور ۽ ڏاها جنميا آهن ، انهن پنهنجي وس ۽ وت آهر پاڻ ملهايو ، پر جن شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ تي فڪري اثر ڇڏيو ، سائين ابرهيم جويو انهن مان هڪ آهي. هن عظيم ڏاهي ۽ دانشور جو وڇوڙو پڻ هن ئي سال 9 نومبر تي ٿيو. سندس وڇوڙي تي سنڌي ادب ، علم ۽ تاريخ کي تمام گھڻو نقصان پهتو آهي ، جنهن جي ڀرپائي ٿيڻ تمام ڏکي آهي. سندس سنڌ واسين تان شفقت جو هٿ هٽڻ صدمي برابر آهي.

رشيد راڄڙ

رشيد صاحب صحافت جي دنيا جو هڪ روشن سج هو ، جيڪو پڻ هن ئي سال لهي ويو، سندس وڇوڙي  سنڌي صحافتي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڀرجڻ وقت وٺندو. پاڻ حق ۽ سچ جا علمبردار هئا ، سنڌي ماروئڙن جا ترجمان هئا ۽ سنڌي مزدورن جا حال ڀائي هئا. هڪ اخبار جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ رشيد هڪ پڪو ۽ سچو قومپرست سنڌي هو، اهو ئي سبب هو جو هن سنڌي ماروئڙن کي سٺي ڪوريج ڏني، هن عظيم انسان ، بيباڪ صحافي هن ئي سال 19 نومبر تي لاڏاڻو ڪيو. سندس صحافتي ادب ۾ ڪيل خدمتون هميشه ياد ۽ زندهه رکنديون اينديون.

عبدالستار ڀٽي

لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ عبدالستار ڀٽي هڪ گھڻ رخي شخصيت هو، سندس ڪيل خدمتون قابل تحسين آهن. سنڌي ادب کي ست ڪتاب ارپيندڙ هن سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيت سنڌي کان علاوه انگريزي ۽ اردو ۾ پڻ هڪ هڪ ڪتاب لکيو. سياست جي شروعات لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج کان ڪندڙ عبدالستار ڀٽي شاگرد يونين جي اهم عهدي تي رهڻ کان سواءِ سپاف ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر پڻ رهيو. مختلف موقعن تي هلندڙ تحريڪن  ۾ سرگرم رهندڙ ستار ڀٽي جيل جا ڏينهن پڻ ڏٺا. سنڌي ٻولي تحريڪ دوران ست مهينا سکر سينٽر جيل ۾ قيد ڪاٽيندڙ عبدالستار ڀٽي ”لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي“ ڪتاب لکي لاڙڪاڻي جي علمي ادبي خدمت جو لاجواب مثال جوڙيو. هي مهان ليکڪ  پڻ هن ئي سال 14 نومبر تي اسان کان هيشه جي لاءِ وڇڙي ويو. سندس ڪراچي ۾ س ا س لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے