17 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستاني سياست ۾ اهم بڻجي ويل سعودي عرب ۽ لاهور

رياض ابڙو

ڪنهن دور ۾ پاڪستان جي سياست جو مرڪز لنڊن ۽ دبئي هوندو هو پر اڄ ڪلهه جيئن جيئن سياسي پارو وڃي ٿو چڙهندو تيئن وري سياسي مصلحت لاءِ قبلا ۽ هنڌ به تبديل ٿيندا رهن ٿا. هن وقت سياسي مصلحتن جا مرڪز  لاهور ۽ سعودي عرب آهن جتي ڳٺ جوڙ ۽ جوڙ ٽوڙ جو عمل جاري ۽ ساري آهي.

نواز ليگ جي سياست جو مرڪز  هاڻي لنڊن کان پوءِ سعودي  عرب بڻجي ويو آهي ، اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ڪالهه سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي جتي نئين پچندڙ کچڻي جي خوشبو اچي رهي آهي پوءِ اها اين آر او جي صورت ۾ هجي يا وري ڪنهن ٻئي ورائٽي ۾، بهرحال ڪجهه ٿيڻ وڃي پيو جو پهريان پنجاب جو وڏو وزير ميان شهباز شريف ۽ ريلوي وارو وزير خواجا سعد رفيق اڳواٽ ئي سعودي عرب ويل آهن ۽ پٺيان وري وڏو ميان صاحب به پهتو آهي.

شهباز شريف کي ته سعودي عرب جو خاص جهاز موڪلي گهرايو ويو هو. قطر  معاملي کان پوءِ سعودي عرب  پاڪستان تي ڪاوڙيل هو  خاص ڪري شريف خاندان تي ، اوچتو شريف خاندان تي عرب سڳورا ڪئين مهربان ٿي ويا جو پنهنجو جهاز موڪلي شهباز شريف کي گهرائين ٿا ان مان ثابت آهي ته معاملو ڪو وڏو آهي.

خير حڪمران ڌر پنهنجي لاءِ سيف گارڊ ڳولڻ ۾ مصروف آهي ته وري ٻئي پاسي حڪومت مخالف به حڪمرانن جا گهٽ گهير  بند ڪرڻ  ۽ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. ڪالهه لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ميزباني  هيٺ  ماڊل ٽائون سانحي جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ” ق“ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مجلس وحدت المسلمين، پي ايس پي، عوامي مسلم ليگ سميت 40  کان وڌيڪ پارٽين شرڪت ڪئي.

اي پي سي ۾  ماڊل ٽائون سانحي کي رياستي دهستگردي قرار ڏيندي پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله کان 7 جنوري تائين استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي سڄي واقعي جو ذميوار پنجاب جي وڏي وزير ۽ گهرو وزير کي قرار ڏنو ويو.  اي پي سي   ۾ شريف خاندان  کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ به غور ويچار ڪيو ويو.

اي پي سي ۾  طاهر القادري چيو ته سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا سياسي اختلاف هڪ پاسي رکي ماڊل ٽائون سانحي ۾ انصاف لاءِ هتي گڏ ٿيون  آهن ۽ هاڻي ماڊل ٽائون معاملو سڀني پارٽين جو گڏيل آهي ان تي سڀ جا سڀ هم آواز آهيون.آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سياسي  پارٽين جي گڏجڻ ۽ هڪ آواز ٿيڻ مان  گهٽ ۾ گهٽ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته  هاڻي حڪومت جو گهيرو تنگ   ڪيو ويندو. ان کان اڳ جمعي واري ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ٻيو ڀيرو  لاهور ۾ طاهر القادري سان ملاقات  ڪئي  ۽ ٻيهر به خاطري ڪرائي  آهي ته پيپلز پارٽي ساڻس ماڊل  ٽائون  سانحي تي گڏ آهي ۽  ساٿ ڏيڻ جو وچن ورجائي ٿي، ان ملاقات ۾ آصف  زرداري ته نواز شريف خلاف قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري وڌو.

هاڻي ته سڄي ملڪ ۾ اهڙو سياسي  وايو  منڊل  جڙي چڪو  آهي  ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته  ايندڙ چونڊون  در تي اچي بيٺون آهن ۽ هر پارٽي سياسي سرگرمي ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي آهي. فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾  ضم ڪرڻ   هجي يا وري ختم نبوت معاملو   هجي   انهن ۾ حڪومت کي سوڙهو ڪيو ويو. اهي سمورا معاملا پيدا ڪري حڪومت کي پنهنجي سائيز ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف  کي نااهل قرار  ڏيڻ تي نواز ليگ به عدالت  تي ڏمريل آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز   سڌي يا اڻ سڌي ريت عدالت جي فيصلن  تي تنقيد ڪري پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي رهيا آهن،  هو اهو سمجهي رهيا آهن ته عدالت  نواز شريف  سان انصاف ناهي ڪيو، عدالت ٻٽو معيار رکيو آهي،  عمران  خان لاءِ هڪڙو ۽ نواز شريف  لاءِ ٻيو  قانون رکيو ويو آهي. خاص ڪري جڏهن کان جهانگير ترين نااهل ٿي ويو ۽ عمران خان صادق ۽ امين بڻجي ويو، ان ڏينهن کان ته ٻرندي تي ڄڻ تيل هارجي پيو آهي ۽  نواز ليگ ويتر آپي مان نڪري وئي آهي.

ن ليگ حالتن کي نظر ۾ رکندي چونڊن کان اڳ ئي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي شهباز شريف کي ايندڙ وزير اعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ان سان هڪ  ته ن  ليگ گروپ بندي مان جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ ٻيو وري جيڪي پارٽي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز استعيفائون  ڏئي پنهنجو سياسي قبلو تبديل ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا انهن  کي  به بريڪ ڏ يڻ چاهي ٿي. خير ان تي ڪنهن حد تائين هو ڪامياب ويا آهن پر  سندن پارٽي اندر اهڙا ماڻهو موجود ضرور آهن جيڪي ڪنهن پاسي وڃڻ جي انتظار ۾ ضرور آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے