23 منگل , اکتوبر 2018

اسٽيل مل جي برباديءَ جي جاچ ٿيڻ گهرجي

نيشنل اڪائونٽيبلٽي بيورو (نئب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ اسٽيل مل جي برباديءَ ۾ ملوث ذميوارن جو تعين ڪري سندن خلاف گهڻ رخي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيل مل ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري مالي بحران پيدا ڪندڙ ذميوار لڪل چهرن کي سامهون آڻي کانئن پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ اهو طئي ڪيو ويندو ته انهن ڳجهن هٿن ۽ چهرن جي پٺيان ڪهڙيون مفاد پرست ڌريون بيٺل آهن.

نئب جاچ ۾ اهو به طئي ڪيو ويندو ته ڪنهن سازش هيٺ ته هن اداري کي تباهيءَ ڪناري تي ته نه پهچايو ويو آهي. نئب طرفان اداري جي تباهيءَ جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ دوران جيڪي نالا سامهون ايندا انهن کي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي به نئب کي اسٽيل مل جي مالي بحران پيدا ڪندڙ ڌرين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جي وڏي ۽ اهم صنعتي اداري کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيندڙ چهرن کي سامهون آندو وڃي ۽ انهن ڪارڻن جي جاچ ڪئي وڃي، جنهن سبب مالي طور تي پنهنجي پيرن تي بيٺل ۽ ملڪ کي نفعو ڪمائي ڏيندڙ ادارو ڏيوالي جو شڪار ٿيو آهي. اسٽيل مل جو ادارو جنهن ۾ رات ڏينهن مسلسل ڪم جاري رهندو هيو، ان جي مالي بحران جو شڪار ٿيڻ ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي، جنهن جو جلد تدارڪ ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي اداري بحال ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن.

اسان جي اها بدقسمتي آهي جو ”باڪمال ماڻهو ۽ لاجواب سروس“ جو نعرو هڻندڙ ملڪ جو ٻيو اهم ۽ وڏو ادارو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پي آءِ اي) 15 کرب رپين جي خساري سان هلي رهيو آهي، جنهن جي قرض جو وياج ڀرڻ لاءِ 15 ارب رپيا ساليانو خرچ ڪيا پيا وڃن. گذريل سال اسٽيل مل جي بحاليءَ بدران ان جو گئس ڪنيڪشن ڪٽرائي وفاقي حڪومت اسٽيل مل کي خانگائڻ لاءِ جواز ٺاهي ڇڏيو هو ۽ اسٽيل مل کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ جي تياري ڪئي هئي، ان ڏس ۾ اسٽيل مل جون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ اسٽيل مل کي سنڌ حڪومت پاران ڏنل زمين وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن خلاف نه رڳو سنڌ سرڪار احتجاج ڪيو پر جن کاتيدارن کان اهي زمينونو ورتيون ويون هيون، انهن کاتيدارن پڻ احتجاج ڪيو ته اسٽيل مل اسان کين زمين جون رهتون ناهن ڏنيون. جنهن جي عيوضي اسان کي پنهنجون زمينون موٽائي ڏنيون وڃن. متاثر کاتيدارن جي حق ۾ عدالتون فيصلا ڏئي چڪيون آهن پر اڃا تائين متاثر کاتيدارن کي پنهنجي زمين جو معاوضو به ناهي ڏنو ويو.

نئب کي اها به جاچ ڪرڻ گهرجي ته مقامي کاتيدارن کي پنهنجي زمين جو معاوضو اڃا تائين ڇو ناهي ڏنو ويو ۽ اها به جاچ ڪرڻ گهرجي ته اسٽيل مل جي اندر ايندڙ ڳوٺن جي متاثر ڪيترن ماڻهن کي اسٽيل مل ۾ نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ انهن جا مڪمل انگ اکر ڄاڻايا وڃن، جيڪڏهن اسٽيل مل ۾ مقامي متاثر ڳوٺاڻن ۽ کاتيدارن کي نوڪريون ناهن ڏنيون ويون ته انهيءَ عمل جي ذميوارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته صنعتن بابت جوڙيل قانون هيٺ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ واري قانون کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو.

اسٽيل مل ۾ هزارين ملازم ملازمت ڪندڙ آهن ۽ هزارين ملازم ريٽائرڊ ٿي چڪا آهن،، حاضر سروس ملازمن جون رهيل پگهارون وقت سر ڇو ادا نٿيون ڪيون وڃن ۽ ريٽائرڊ ملازمن کي سندن رهتون ڏيڻ لاءِ رلايو پيو وڃي. هزارين ملازمن سان لاڳاپيل ٻين لکين فردن کي اذيتون ڏئي رڻ ۾ رلائڻ وارين سازشن پويان لڪل هٿ ۽ چهرا سامهون آندا وڃن ته جيئن نه رڳو اسٽيل مل جي ملازمن کي آگاهي ملي سگهي پر ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي اسٽيل مل تباهه ڪندڙ مڪروهه چهرا ڏيکاريا وڃن، اسان چاهينداسين ته اسٽيل مل اندر يونين جي اڳواڻن کان پڻ سختي سان پڇاڻو ڪيو وڃي ته اسٽيل مل جهڙي نفعو ڏيندڙ اداري جي مالي تباهي ۽ ملازمن جي بدحاليءَ ۾ ڪٿي انهن جا هٿ ته ٻڏل نه آهن، اسان چاهينداسين ته اسٽيل مل جي ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، رهائش وارن شعبن سميت لاڳاپيل سمورن شعبن جي ذميواريءَ سان جاچ ڪئي وڃي ۽ ملوث ۽ ڏوهاري عناصرن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ۽ کانئن سختيءَ سان پڇاڻو ڪري مختلف هيلن ۽ بهانن سان ڦٻايل رقم جي واپسيءَ لاءِ سختيءَ کان ڪم ورتو وڃي.

اسان جي وفاقي سرڪار کي صلاح هوندي ته اها اسٽيل مل جي بحاليءَ لاءِ اڳتي اچي ۽ ادارن کي خانگائڻ واري رٿا کي رد ڪري مالي بحران جي ور چڙهيل ادارن جي مڪمل بحالي ڪرائي ۽ ادارن ۾ مالي بحران پيدا ڪندڙن ڌرين خلاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سڀ کان پهرين اوليت اسٽيل مل کي مالي بحران مان ڪڍي بحال ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ جو اسٽيل مل جي بحاليءَ سان ملڪ جو معاشي آئيندو لاڳاپيل آهي، ڪو به ملڪ تڏهن معاشي ترقي حاصل ڪري سگهندو آهي جڏهن ان ملڪ جا ادارا خاص ڪري صعنتي سگهارا هوندا اهن. جڏهن ملڪ جا صنعتي ادارا مالي طور تي پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندا آهن تڏهن انهن جي ڳڻپ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ ٿيندي آهي. اسان جي وفاقي سرڪار کي تجويز آهي ته ڪيئن به ڪري اسٽيل مل جهڙي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرندڙ صنعتي اداري کي بحال ڪري ان تاثرن کي ختم ڪيو وڃي ته لاهو، دبئي ۽ سعودي ۾ لڳل اسٽيل ملز ڪمائين ٿيون۽ مالڪن کي نفعو ڏين ٿيون پر ڪراچيءَ ۾ لڳل قومي ادارو اسٽيل مل مالي بحران جي ور چڙهيل آهي، وفاقي سرڪار کي اهڙي تاثر کي رد ڪندي اسٽيل مل جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.

 آچر 31 ڊسمبر 2017ع، 12 ربيع الثاني1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے