23 منگل , اکتوبر 2018

” ماڊل ٽائون سانحو منصوبابندي ناهي“ شهباز ۽ راڻا ثناءُ ساک کڻڻ لاءِ تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ماڊل ٽائون سانحي تي صفائي ڏيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان عوامي تحريڪ ماڊل ٽائون سانحي تي اڳتي لاءِ حڪمتعملي طئي ڪرڻ لاءِ اي پي سي طلب ڪئي ۽ طاهر القادري جو چوڻ هو ته هاڻ عوامي احتجاج ۽ ڌرڻي سميت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب ماڊل ٽائون سانحي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ صفائي ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر پنجاب حڪومت ان معاملي ۾ معافي گهرڻ لاءِ تيار ناهي. ذريعن ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله قسم کڻڻ لاءِ به تيار آهن ته ماڊل ٽائون سانحو ڪنهن منصوبابندي جي تحت ناهي ڪيو ويو.پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته اي پي سي ڊاڪٽر طاهر القادري جي سياسي ايجنڊا آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ جي خوف سبب سموريون سياسي پارٽيون گڏ ٿي رهيون آهن، ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي امدادي رقم لاءِ خرم نواز گنڊا پور سان ملاقاتون ٿيون ۽ سندس گهر به وڃي چڪو آهيان. اي پي سي جي رد عمل ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي ۽ ائٽمي طاقت بڻايو، 2018ع جي اليڪشن پرو نواز شريف ۽ اينٽي نواز شريف ٿيڻ وڃي رهي آهي،هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ به پيش ٿيس، واقعي جو قادري به ذميوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے