10 پیر , دسمبر 2018

ڪمند جو اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، پي ٽي آءِ پاران هاري ريلي جو اعلان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾شگر ملز انتظاميه پاران ڪمند جو امدادي اگهه 182 رپيا نه ڏيڻ، شگرملون نه هلائڻ ۽ رهتن جي ادائگي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. پي ٽي آءِ ڪمند جو سرڪاري اگھه نه ملڻخلاف 3 جنوري تي حيدرآباد کان وزيراعليٰ هائوس ڪراچي تائين ”هاري ريلي“ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ايوان زراعت سنڌ ڪمند جو اگهه نه ملڻ خلاف ڪراچي ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ڪراچي ۾ڪالهه انصاف هائوس تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، عمران اسماعيل، خرم شير زمان، حليم عادل ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاق شگر ملز مالڪن کي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ 20 ارب رپيا سبسيڊي ڏني آهي تنهن هوندي به آبادگارن کي 182 رپيا اگهه نه ملي رهيو آهي، 52 رپيا في مڻ تي ڪمند گهٽ اگهه ۾ خريد تي آبادگارن کي 36 ارب رپين جو نقصان جڏهن ته مل مالڪن کي فائدو ٿيندو، هنن چيو ته سنڌ زرعي صوبو آهي جنهن جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سنڌ جون اڪثر شگر ملون انور مجيد جي چوڻ تي بند پيل آهن، جيڪي اصل ۾آصف علي زرداري جون آهن. هن چيو ته 3 جنوري تي حيدرآباد کان ڪراچي وزيراعليٰ هائوس تائين انصاف ”هاري ريلي“ ڪڍي ويندي جنهن ۾ هزارين آبادگار شرڪت ڪندا ۽ آبادگارن کي حق ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ٿيل سرڪاري اگھه 182 رپيا ڏيارڻ تي وزيراعليٰ هائوس تي ياداشت نامو پيش ڪيو ويندو ٻي طرف ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر ڪمند جو اگهه نه ملڻ خلاف ڪراچي ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي به عمل نه ڪرائي سگهي، جڏهن ته 22 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آيل فيصلي تي به عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته شگرمل مالڪ شگرملون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سان آبادگار، هاري ۽  پورهيت طبقن جو سخت معاشي استحصال ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال رهي ته سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي.ٻي پاسي خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن،گمبٽ،سوڀوديرو،ڪوٽڏجي،ٺري ميرواهه، فيض گنج ،پير ڳوٺ،خيرپور جي سوين آبادگارن مختلف علائقن کان ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي گمبٽ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.ان موقعي تي جمال محمود کهڙي، لعل بخش سيال،سنڌي وحيدکهڙي، امام بخش ڀٽي، اشفاق احمد، مجيب الرحمان کهڙي، چوڌري غلام اصغر هوندل.سيد حسام الدين شاهه،مير عبدالهادي ٽالپر،سيد سميع الله شاهه راشدي، سارڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي اڪبر پلهه، فداحسين چوهاڻ،جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،ساگر حنيف بڙدي، امجد مهيسر، ناياب سرڪش، اياز ڪورائي، سنڌ ساگر پارٽي جي مسرور ابڙي، جي يو آءِ جي قاري محمد انور پنهور، قاري گل محمد مري، مولوي محمد صديق شيخ ۽ٻين مختلف سياسي سماجي تنظيمن توڙي وڪيلن احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته شاهه پور جهانيان، دولت پور، سڪرنڊ، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.هوڏانهن سنڌ سرڪار سانگهڙ شگرمل طرفان آبادگارن کان ڪمند جو اگهه 140 رپيا ڏيڻ ۽ ڪٽوتي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو. آبادگار جي شڪايت تي ڊي سي سانگهڙ شگرمل تي ڇاپو هڻي مل انتظاميا  کي عدالت طرفان مقرر اگهه ڏيڻ جي سختي سان هدايت ڪئي ۽چيو ته ڪمند جي غير قانوني ڪٽوتي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مل انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ اندي ويندي.ان موقعي تي مل انتظاميا ڊي سي کي يقين ڏياريو ته ڪمند جي آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے