10 پیر , دسمبر 2018

استادن فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن تائين احتجاج جاري، اڱاري تي اي پي سي

ڪراچي: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي آجيان ڪندي اعلان ڪيو آهي ته جيستائين ريگيولر ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪيو ويندو هو احتجاج جاري رکندا، اڱاري تي اي پي سي سڏائي آهي، ڪالهه بهاستادن جو احتجاج جاري رهيو، استادن گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته اڄ سال 2017 کي تعليم لاءِ ڪارو سال ڪري ٻانهن تي پٽيون ٻڌي لهندڙ سج کي الوداع ڪنداسين ۽ ايندڙ سال جي سج کي ڀليڪار ان عزم سان ڪنداسين ته ايندڙ سال کي تعليم جي بهتري جو سال ڪري ملهائينداسين،  جڏهن ته 2 جنوري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي آهي، ۽ فيصلو ڪيو ويو ته 4 جنوري تي استادن جي ميرٽ ۽ تعليم سميت 4 علامتي جنازا کڻي بلاول هائوس وينداسين، عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي پ ٽ الف جي اڳواڻ شفيع محمد چيو ته سنڌ ڪابينا جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، اها مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي آهي پر اسان مسئلي جي حل تائين احتجاج جاري رکنداسين، هن چيو ته اسان استادن کي  16 هون اسڪيل ڏيڻ، ريگيولر ڪرڻ ۽ بائيوميٽرڪ نظام کي بهتر ڪرڻ جا مطالبا پڻ ڪيا آهن.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے