15 ہفتہ , دسمبر 2018

راڻا ثناءَ الله جي استعيفيٰ جي مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين: حميد الدين سيالوي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پير آف سيال شريف خواجه حميد الدين سيالوي چيو آهي ته سياسي ماڻهو نه آهيان منهنجي تحريڪ رڳو ختم نبوت لاءِ آهي، راڻا ثناءَ الله جي استعيفيٰ تحريڪ جو پهريون مطالبو آهي. تونسا شريف ۾ علماءَ مشائخ ڪانفرنس جي موقعي تي ڳالهائيندي خواجه حميد الدين سيالوي چيو ته اڄ ڪلهه ملڪ ۾ ڌرڻن جو مرض پکڙيل آهي، مان نه سياسي ماڻهو آهيان ۽ نه وري ڪا سياسي ايجنڊا آهي، منهنجي تحريڪ رڳو ختم نبوت لاءِ آهي. هن چيو ته ناموس رسالت لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، راڻا ثناءَ الله جي استعيفيٰ اسان جي تحريڪ جو پهريون مطالبو آهي، پنهنجي مطالبي تي آخري وقت تائين قائم رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ ايم ايف کان پيڪيج حاصل ڪرڻ جي ڪا تڪڙ ناهي: اسد عمر

دبئي ( ويب ڊيسڪ )  ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے