10 پیر , دسمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي ڇانوڻي تي هٿياربندن جو حملو، 2 اهلڪار مارجي ويا

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارتي سينٽرل ريزرو پوليس جي ڪيمپ تي هٿياربندن جي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما جي علائقي ليٿ پور ۾ قائم سينٽرل ريزرو پوليس جي ڪيمپ تي هٿياربندن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ترجمان سي آر پي حملي جي تصديق ڪندي چيو ته سرينگر کان 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ليٿ پوره ۾ قائم نيم فوجي دستن جي 182 هين بٽالين تي رات جو هٿياربندن داخل ٿي دستي بمن سان حملو ڪيو ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 فوجي مارجي ويا. ترجمان موجب حملي آورن طرفان فائرنگ جو سلسلو صبح تائين جاري رهيو جيڪو هاڻي بند ٿي چڪو آهي. واقعي کانپوءِ انتظاميه پلواما ضلعي ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے