12 بدھ , دسمبر 2018

نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي شاندار آجيان، آتشبازي سان آسمان رنگين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2018ع جي استقبال جي شروعات نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان ٿي وئي آهي، جتي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. امن جي اميدن، خوشحالي جي تمنائن ۽ نيڪ ارادن سان ڪيترن ئي ملڪن ۾ نئين سال جي استقبال جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. دنيا ۾ سڀ کان پهريان نئين سال جو جشن نيوزيلينڊ جي اسڪاءِ ٽاور کان شروع ٿيو، جتي 12 ٿيندي ئي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سان آسمان رنگين ٿي ويو. دبئي جي برج خليفا تي به نئين سال جي جشن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جتي هزارين سياح ۽ مقامي ماڻهو آتشبازي جو مظاهرو ڪندا. ان کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ پڻ سئي 12 تائين پهچڻ سان ئي نئين سال جو جشن ملهايو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے