13 جمعرات , دسمبر 2018

شهيد صحافي شان ڏهر جي خون سان انصاف نه ٿيو

دودو ديشي

جيئن سموري سنڌ اندر قلم ڌڻين، صحافين، قومي ڪارڪنن جو قتل عام جاري آهي، پر صحافي جيڪي عوام جو آواز اعلى ايوانن تائين پنهنجي قلم ذريعي پهچائن ٿا. انهن مان شهيد شان ڏهر هڪ صحافي سان سماجي ۽ قومي سوچ رکندڙ انسان هو. جنهن سدائين حق سچ ۽ عوام جي مسئلن کي بي باقي سان اعلى ايوانن تائين پنهنجي آزاد قلم ذريعي پهچايو. پر شهيد جي خون سان 4 سال گذرڻ باوجود به اڄ هن جي خون انصاف نه ٿيو آهي. وزيرن ۽ پ پ جي ڳواڻن جا واعدا وفا نه ٿيا مونکي ياد آهي ته شهيد شان ڏهر جي تڏي تي پ پ تعليم جو وزير نثار احمد کهڙو پهچي ڏک ونڊئيندي اعلان ڪيو ته شهيد شان ڏهر جي ٻن نياڻين کي تعليم مفت ڏيارينداسين ۽ ڪجهه معاوضو ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هيو جيڪو 4 سال گذرڻ باوجود به پورو نه ٿي سگهيو آهي اعلان رهجي ويا پر شهيد جي ڀيڻ اڄ ڏينهن تائين شهيد جي نياڻين کي پنهنجي سر تعليم ڏيارڻ سان گڏ پالنا جو فرض ادا ڪري رهي آهي. هتي به رڳو حڪمرانن جون ڳالهيون پيون هلن. شهيد شان ڏهر جڏهن باڊهه کان صحافت شروع ڪئي ته هن ڪڏهن به ڪنهن جي پرواهه نه ڪندي ڪنهن وڏيري جي ڪاڻ نه ڪڍندي پنهنجي صحافتي فرض کي سرانجام ڏيندو آيو آهستي آهستي هو هلي ڪراچي اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين وڃي ڀاڳي ڌار ٿيو جنهن ڪراچي کان ڪشمور تائين خاص ڪري باڊهه سميت سموري سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو. ڪڏهن به هن پوئتي هٽڻ جي ڳالهه نه ڪئي منهنجي جڏهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ شهيد سان ملاقات ٿيندي هئي ته هو وڏي چاهه ۽ ادب سان ملي ڪري چونڊو هو ته دودا ڀاءُ ڪهڙا حال ٿي ڳوٺ سڀ خير لڳو پيو آ. وڏي ڀائو قمر ٺيڪ آهي احوال وٺي جڏهن هو شام جو پنهنجي آفيس طرف روانو ٿيندو هو ته چوندو هو سڀاڻي منهنجي آفيس ضرور اچ جو توهان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ۽ مان جڏهن ٻئي ڏينهن سندس جي آفيس ۾ پهتس ته هن وڏي چاهه سان پنهنجي اداري جي دوستن جو تعارف ڪرايو ۽ هنن سان منهنجو تعارف پڻ ڪرايو، اڄ هو اسان وٽ موجود نه آهي پر ان جون غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون اسان کان ڪڏهن به وسري نه سگهنديون. شهيد جڏهن منهنجي ڳالهه ٻولهه پنهنجي چئنل تي هلائي ته دبئي مان هڪ واقف فون ڪري چيو ته يار توهان ٻنهي ڳوٺ واسين کي ڏسي رهيو آهيان ۽ خوش ٿي رهيو آهيان ته هڪ صحافي ٻيو قومپرست پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي شهري مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيو، شهيد جي خون کي 4 سال پورا ٿيڻ وارا آهن پر شهيد جي خون سان ڪنهن قسم جو انصاف نه ٿي سگهيو شهيد جي امڙ به صدمي ۾ وفات ڪري وئي. جيڪا پنهنجي پٽ جي لاءِ انصاف لاءِ ٻاڪاريندي رهي. پر سندس شهيد پٽ جي خون جو کيس انصاف نه ملي سگهيو حڪمرانن پاران شهيد جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ وارا واعده ۽ معاوضا ۽ شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي سزا ڏيارڻ وارا واعدا اڄ ڏينهن تائين وفا نه ٿيا.

هن وقت تائين چونڊيل ايم پي اي ، ايم اين اي شهيد جي تڏي تي اچڻ کان لاچار آهن. مان پ پ حڪمرانن کي ياد ٿو ڏياريان ته شهيد جي خون سان انصاف ڪري هن جي نياڻين کي تعليم سان گڏ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ وارا واعدا وفا ڪرڻ شهيد جي خون جو ڪجهه ته ازالو ڪري ڏيکارين. اسين اڄ به شهيد جي خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون شهيد جي خون سان قانون پاران ڪو به انصاف 4 سالن دوران نظر نه اچي رهيو آهي ويتر جاءِ واردات جا معائنا ڪري وڃڻ لاءِ ته ٿڪجي پيا پر قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيارڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي چڪا آهن. جڏهن ته شهيد صحافي شان ڏهر جي ڀيڻ قانون جو ڪو حال نه سمجهندي پنهنجا اباڻا ڪک پنهنجو شهر ڇڏي ڪراچي شهيد جي ٻارڙن کي وٺي زندگي گذاري رهيا آهن. اسين شهيد جي قاتلن کي گرفتاري ڪري سزا ڏيارڻ تائين سراپا احتجاج جاري رکنداسين. شهيد جي پونئيرن سان هر جدوجهد ۾ ثابت قدم رهي گڏ رهنداسين جڏهن ته اڄ شهيد شان ڏهر جي ورسي جي موقعي تي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري سندس ڀيٽا پيش ڪنداسين.

جڏهن آئون هي ڪالم رکي رهيو هئوس ته پنهنجي نوجوان ساٿي امان الله ٿهيم جيڪو روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو ان کي به وساري نه سگهيس باڊهه شهر جو هڪ نوجوان ۽ سماجي ورڪر هو ۽ هڪ رحم دل انسان هجڻ سان گڏ معصوم شخصيت جو مالڪ هيو. مان سندس جي خاندان سان وڇوڙي تي دلي طور ڏک ۾ شريڪ آهيان جڏهن ته باڊهه جي ٻي معزز شخصيت هائير سيڪنڊري اسڪول جو استاد ۽ ساريا برادري جو نيڪ مرد سائين رستم ساريي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اسين سندس ڪيل خدمت تعليمي محنتن ۽ برادرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ساراهيندي ياد رکنداسين. شهيد صحافي شان ڏهر ۽ نوجوان امان الله ٿهيم ۽ معزز شخصيت سائين رستم ساريي جو وڇوڙو باڊهه واسين کان وسري نه سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے