17 بدھ , اکتوبر 2018

پهرين جنوري : ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي

  • پهرين جنوري 1904ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر چوڌري فضل الاهي جو جنم ڏينهن آهي.
  • پهرين جنوري 1923ع تي حڪومت برطانيه، علامه اقبال کي سر جو خطاب ڏنو.
  • پهرين جنوري 1925ع تي سنڌ جي قابل احترام شخصيت اسلامي سياست جو قائد مولانا جان محمد عباسي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
  • پهرين جنوري 1925ع تي شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
  • پهرين جنوري 1933ع تي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر شعبان بخت اصل نالو الله بخش ولد رسول بخش منگي جي ولادت ڪشمور ۾ ٿي.
  • پهرين جنوري 1946ع تي اسٽيج فنڪار استاد قلندر بخش ڪلو ولد دوست محمد سيال لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.
  • پهرين جنوري 1952ع تي صوفي بخش علي سهتو ڳوٺ لونگ خان سهتو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
  • پهرين جنوري 1954ع تي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولد مراد علي ٻگهيو باڊهه تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
  • پهرين جنوري 1957ع تي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، ڪالم نگار، لسنر ۽ ليکڪ اٿس.
  • پهرين جنوري 1960ع تي ڪيمرون کي آزادي ملي.
  • پهرين جنوري 1964ع تي قومي شاعر زاهد شيخ اصل نالو حاڪم علي ولد گل محمد شيخ جي گهر ڳوٺ شاهه لڌاڻي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
  • پهرين جنوري 1965ع تي ناليوارو اداڪار اسماعيل چانڊيو تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.
  • پهرين جنوري 1967ع تي شاعره ناياب سرڪش، سرڪش سنڌي جي گهر ۾ جنم ورتو.
  • پهرين جنوري 1974ع تي قومپرست اڳواڻ ذوالفقار ڪولاچي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
  • پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
  • پهرين جنوري 1980ع تي نالي وارو شاعر علي محمد بيگ مرزا هن جهان کي الوداع ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے