23 منگل , اکتوبر 2018

سال 2017 ۾ سنڌ ڇا کٽيو ڇا وڃايو

سارنگ پيرزادو

جڏهن به سال ختم ٿيندو آهي ۽ نئون سال شروع ٿيندو آهي ته اسين پنهنجن دوستن عزيزن کي مبارڪون ڏيندا آهيون ۽ ختم ٿيندڙ سال جون يادگيريون ورجائيندا آهيون جيڪي ڪجهھ اسان گذريل  سال ۾ ڪيو سين ۽ جيڪي ڪجهھ وڃايو ۽ کٽيو سين، بلڪل ان ئي طرح جيڪڏهن اسين اهو ڏسون ته  سال 2017 ع ۾ اسان جي ڌرتي سنڌ ڇا کٽيو آهي ۽ ڇا وڃايو آهي ته اسان کي  پنهنجي ذهن کي ٿورو پوئتي وٺي وڃڻو پوندو اسين ڏسي سگهندا سين، گذريل سال جو سڀ کان وڏو واقعو هئو اسان جي سنڌ ڌرتي جي وڏي شهر ڪراچي مان دهشتگردن جو راڄ ختم ٿيڻ ها بلڪل هي ڪو گهٽ اهميت وارو واقعو نه آهي پر اسان جو شهر ڪراچي جيڪو سنڌ جي  ڇا پر پوري پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ پيدا ڪري ٿو ۽ هتان جو مارڪيٽ سڄي ملڪ کي سامان ڏئي ٿو اهڙي ڪراچي شهر ۾ جيڪي ڪجهھ هليو پئي ان کان هر ڪو ئي چڱيءَ ريت واقف آهي هي شهر ڪجهھ ڪلاڪن اندر ايئن يرغمال ٿي ويندو هئو جو  هتان جا مارڪيٽ هتان جا ادارا روڊ رستا سڀ هڪدم بند ٿي ويندا هئا بد امني ايتري قدر جو هتان جا مقامي رهواسي به ڪنهن شادي جي موقعي تي زيور ڪونه پائي پيا سگهن موبائيل ڦرڻ جا واقعا ۽ موٽر سائيڪل ڦرڻ جا واقعا ته ايترا هئا جو ڳڻڻ کان به گهڻا ان سڄي ماحول جو انت هن ئي هلندڙ سال اندر ٿيو ۽ هن شهر جون رونقون وري بحال ٿيون آهن اها اسان جي ڌرتي لاءِ خوشي جي ڳالهھ آهي ان بعد هن ئي هلندڙ سال سنڌ جي گهڻن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ايتري قدر جو شايد پنجن سالن اندر هي پهريون سال آهي جنهن ۾ واقعي لڳي پيو ته اسان وٽ ڪا انتظاميا به اهي ۽ هو شهرن کي سڌارڻ چاهي ٿي .

گذريل سال اندر  انهن سڀني بهتريءَ جي ڳالهين سان گڏو گڏ ڪجهھ اهڙا به ڪم ٿيا آهن جن سان لڳي ٿو ته اسان جي ڌرتي وڃايو به گهڻو اهي جيئن ته هن سال اندر اهي ماڻهو کنڀجي گم ٿيا جن جو ڪنهن پابندي پيل سياسي پارٽي سان ڪو به تعلق ڪونه هئو الائجي ڪيترا اهڙا سنڌي ماڻهو گم ٿيا جن ۾ صحافي، سماج سڌارڪ  ۽ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ شامل آهن جن جي باري ۾ سوچجي ته ڳالهھ سمجهھ ۾ ئي نه اچي ته آخر انهن جو ڪهڙو ڏوھ آهي جو هي کنڀيا ويا آهن انهن مان گهڻا هيل تائين غائب آهن جن ۾ نئون نياپو جو باني انعام عباسي سر فهرست آهي انهن واقعن سان سنڌ جي عوام اندر خوف ايتري قدر رهيو جو الائجي ڪيترا ميگزين بند ٿي ويا ڪيترن ماڻهن صحافت ۽ سوشل ڪم ترڪ ڪري گهر ويهڻ کي اوليت ڏني سياسي بحران جي صورت سنڌ اندر پکڙجي وئي جيڪا هيل تائين به جاري آهي ايتري قدر جو هاڻ جيڪڏهن نظر گهمائي ڏسجي ته سنڌ اندر ڪا به منظم پارٽي نه رهي آهي نه ئي ڪو ليڊر اهڙو نظر ٿو اچي جيڪو قوم کي ان بحران مان ڪڍي ڪا نئين سوچ ڏئي سگهي.

سنڌ جو عظيم مفڪر سائين محمد ابراهيم جويو صاحب به سال 2017  ۾ اسان کان وڇڙي ويو اهو به سنڌ ڌرتي لاءِ وڏو حادثو هو سياسي ۽ اقتصادي طور نٻل ٿيل هن سنڌي قوم جو نصيب ڏسو ته هلندڙ سال پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي به هن قوم سان هٿ چراند ڪري ويو ، سال جي آخري مهيني اندر جڏهن اسان جا ڪجهھ ڪمند جا آباد گار ڪمند جي مقرر ڪيل اگھن تي شوگر ملن جي مالڪن  کي  وڪرو ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا ۽ انهن جي انڪار تي هو پنهنجن حقن جو مطالبو کڻي ڪراچي ۾ حڪمرانن جي رهائش گاھ تي پهتا ته انهن سان اهو حشر ڪيو ويو جيڪو ڪنهن وقت اسين بڌندا هئاسين ته وڏيرا پنهنجي هارين کي ڏنڊا هڻي موٽائيندا آهن ته اوهان جو فصل تي ڪو به حق ناهي ان عمل م اسان جا حڪمران ان حد تائين ويا ۽ ايئن پئي لڳو ته ڪا به انساني حقن جي تنظيم هن ملڪ ۾ موجود ناهي جيڪا انهن هارين جي زخمن کي ڀري ۽ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهي رهي ته اسين هنن کي حق وٺي ڏيندا سين پر اڃا ان ڌڪ جا ڦٽ سنڌ نه سڪائي سگهي هئي ته ڌرتي جي سيني تي هڪ ٻيو وار ٿيو جڏهن اين ٽي ايس پاس استاد مطالبو کڻي آيا ته هنن کي مستقل سرڪاري نوڪري ۾ داخل ڪيو وڃي ۽ جڏهن اهي استاد گورنر هائوس وٽ پهتا ته اسان جي وڏيرڪي سوچ رکندڙ حڪمرانن کي وري ڏنڊا ياد اچي ويا ۽ هنن پڙهيل لکيل اين ٽي ايس امتحان پاس ٿيل ماسترن کي ايئن ڏنڊا هنيا جيئن  ڪنهن اکين ڏٺي چور کي به ڪو نه هڻي سگهي انهن ماسترن ۽ ماسترياڻين کي هنن روڊن تي گهلي گهلي ماريو ۽ نام نهاد جمهوريت جي دعويدارن بد ترين آمرن جا دور ياد ڏياري ڇڏيا جڏهن انسان کي صرف غلام سمجهيو ويندو هئو  پڙهيل لکيل ۽ ڄٽ جاهل ۾ ڪو به فرق نه سمجهيو ويندو هئو ڪو به انسان پنهنجي حقن لاءِ نڪرندو هئو ته ان کي صرف ڦٽڪا ملندا هئا اسان جي ڌرتي جي سڀني کان وڏي تحريڪ ايم آر ڊي تحريڪ به ان ئي دور م هلي هئي جنهن ۾ اسان جي ڌرتي جي هر طبقي ۽ هر پيشي جا ماڻهو شامل ٿي ويا ۽ پنهنجي ڌرتي  جو نالو وٺڻ ڪري هنن جيلن جا منهن ڏٺا.

سال 2017 ع ۾ اسان جي جمهوري حڪومت اسان کي اهو ياد ڏياري ڇڏيو ته جيڪڏهن اسين سنڌ جا رهواسي ها به سجاڳ نه ٿيا ۽ هنن وڏيرن ۽ سرمائيدارن کي جيڪڏهن اڃا به ووٽ ڏئي ۽ پارليامٽ اندر آڻيندا سين ته اسان جا ننگ ايئن روڊن تي ذليل ڪيا ويندا اڄ هارين ۽ استادن جو وارو آهي سڀاڻي وري ڪنهن ٻئي جو وارو ايندو ڇو ته اسان جي نمائندن کي اسان عوام جي معاملن ۽ مسئلن جي ڪا به پرواھ ناهي هو صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ پنج سال حڪومتن ۾ اچن ٿا ۽ پنج سال پورا ٿيڻ بعد وري اهو سوچين ٿا ته هاڻ ڪيئن عوام کي بيوقوف ٺاهجي هاڻ ڪهڙو اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ واعدو ڪجي اسان سنڌ جي ماڻهن کي هان اها ڳالهھ سمجھه ۾ اچي وڃڻ گهرجي ته اسين جن کي سالن کان پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي پنهنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ايوانن تائين پهچائيندا آيا آهيون اهي اسان جي نمائندگي ڪرن بدران پنهنجن معاملن تي پنج سال سياست ڪري هليا وڃن ٿا ۽ اهو کين ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي ته غريب عوام وٽ نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي نه سٺي تعليم آهي نه صحت لاءِ ڪي بهتر اپاءَ ورتل آهن مطلب ته سنڌ گذريل سال پنهنجي حڪمرانن جي جمهوري سوچ وڃائي ڇڏي ۽ انهن جي اندر جي آمريت صاف پڌري ٿي پئي  ان لاءِ هاڻ اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان هنن جي پچر ڇڏي پنهنجي اندران ڪي اهڙا پڙهيل لکيل باشعور ماڻهو پيدا ڪيون جيڪي سڀاڻي وزارتن اندر اچي ڪري اسان جي معاملن تي غور ۽ فڪر ڪن ڪي اهڙا قانون ٺاهين جن سان غريب عوام جو ڀلو ٿي سگهي نه ته هن سال وانگي ايندڙ هر سال اسان کي صرف بک بدحالي ۽ تذليل ئي ڏئي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وعدن جي برکا ۽ وڌندڙ مايوسيون!

شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان ۾ سسپينس جو سمنڊ وهائڻ ۽ انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے