17 بدھ , اکتوبر 2018

نواز شريف ڊيل تحت سياست ڇڏڻ لاءِ تيار آهي:برطانوي اخبار:هاڻ آمر جلا وطن ٿيندا: مريم نواز

لنڊن/اسلام آباد (م ڊ) برطانوي اخبار دي ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جي ٽياڪڙي ۾ ٺاهه تحت اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جلاوطني اختيار ڪري سگهي ٿو. نواز شريف تي دٻاءُ وجهي شهباز شريف کي سياسي جانشين بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته هو عملي سياست تان هٿ کڻڻ تي به راضي ٿي چڪو آهي. برطانوي اخبار لکيو آهي ته سعودي ڊيل تحت نواز شريف کي ٻاهر رهڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، اهڙي نموني کيس ڪرپشن ڪيسن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو. رپورٽ موجب نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ لاءِ اجازت گهرجي جنهن لاءِ سعودي عرب ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف مريم نواز برطانوي اخبار جي خبر تي رد عمل ڏيندي چيو ته جلاوطنيون هاڻي چونڊيل نمائندن جو مقدر نه ٿينديون، جلاوطنيون آمرن ۽ جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن جو مقدر ٿينديون.1127

ا

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے