18 جمعرات , اکتوبر 2018

ايران ۾ احتجاج پرتشدد ٿي ويو، 4 ڄڻا فوت، 40 زخمي

تهران (م ڊ) ايران ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به حڪومت مخالف مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پرتشدد مظاهرن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  ايران جي اولهندي شهر دورود ۾ ايراني حڪومت جي پاليسين خلاف ٽين ڏينهن به احتجاج جاري آهي. جمعي کان شروع ٿيل حڪومت مخالف مظاهرن ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.  ايران پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جون تصويرون ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي پکڙجي چڪا آهن، جڏهن ته خبر ايجنسي رائٽرز جو چوڻ آهي ته پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن.  ٻئي طرف حڪومت شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته احتجاج يا مظاهرن ۾ شرڪت نه ڪئي وڃي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته جابراڻيون رياستون هميشه قائم نه رهي سگهنديون آهن، دنيا سڄي صورتحال ڏسي رهي آهي. آمريڪي صدر جي بيان تي ايران چيو ته ايراني عوام ڪريل دوکيبازي ٽڪساٽن ۾ نه ايندو آهي. ٻئي طرف پاسداران انقلاب ڌمڪي ڏني آهي ته حڪومت خلاف مظاهرن ۾ شريڪ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے