15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌ ۾2017 ع جو سڄو سال کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو جاري، صحافي ۽ اديب به کنڀيا ويا

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اندر سال 2017 ع دوران سمورو سال جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رهيو، شاگردن، صحافين، اديبن ۽ شاعرن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ پورهيتن کي کنڀي گم ڪيو ويو، صابر چانڊيو، غلام مرتضيٰ جوڻيجو، آزاد جروار، شاهد جوڻيجو، اعجاز ڳاهو، فرحان ڪاڪيپوٽو،مجيب چولياڻي، محمد خان وگهيو، اعجاز تنيو، صحافي، ليکڪ ۽ پبلشر انعام عباسي، اديب ۽ ليکڪ ننگر چنو، صحافي ۽ شاعر ديدار امرت، اديب غلام رضا جروار، هدايت لوهار، ڪليم تنيو، خليق هڪڙو، حاڪم چنو، مختيار عالماڻي ۽ ٻيا کنڀي گم ڪيا ويا، جن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارث ۽ سياسي سماجي ڌريون سڄو سال سراپا احتجاج بڻيل رهيون، سنڌ اندر جبري گمشدگين جو سلسلو اڃا به جاري آهي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاج به ٿي رهيا آهن، عدالتن پاران گم ڪيل ماڻهن کي پيش ڪرڻ ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ادرارن جي مذمتن باوجود جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي. جبري گمشدگين خلاف مختلف ٿاڻن تي گمشدگين جا ڪيس داخل ٿيا ۽ کنڀيل ماڻهن جي وارثن عدالتن ۾پٽيشنون پڻ داخل ڪيون پر هن وقت تائين ساڻن انصاف ناهي ٿي سگهيو ۽ پنهنجي پيارن سان ملڻ لاءِ بيچين خاندان اڄ به انصاف جا منتظر آهن.

جبري گمشدگين خلاف حيدرآباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ٿيو

ڪراچي : جبري گمشدگين خلاف وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران حيدرآباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو ويو، لانگ مارچ دوران حيدرآباد کان پنڌ ڪندڙ شبير بليدي کي ڪراچي مان کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾آزاد ٿيو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان به مختلف سياسي سماجي ڌرين جا انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاج ٿيندا رهيا.

پنهل ساريو، شبير بليدي، ممتاز سومرو ۽ ٻيا کنڀيل آزاد ٿيا

ڪراچي : سال 2017 ع دوران جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ڪجهه ماڻهو آزاد پڻ ڪيا ويا، ان سلسلي ۾کنڀي گم

ڪيل ماڻهن مان پنهل ساريي، سجاد شاهه، ممتاز سومري، شبير بليدي، پي زهراڻي، شبير سولنگي ۽ ٻين کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته سيف جتوئي ۽ آزاد جروار جي مختلف ڪيسن ۾گرفتاري ظاهر ڪري کين جيل اماڻيو ويو.

قومي ڪارڪنن جي وڏي انگ استعيفائون ڏئي سياست کي الوداع ڪيو

ڪراچي : سال دوران مختلف علائقن ۾مختلف قومپرست پارٽين سان لاڳاپيل ڪارڪنن پريس ڪانفرنسن ذريعي پارٽي عهدن ۽بنيادي ميمبرشپ تان استعيفائون ڏئي سياست کي الوداع ڪيو، خاص ڪري آگسٽ مهيني ۾قومي ڪارڪنن جي وڏي انگ استعيفائون ڏنيون ۽ قومپرست پارٽين کان مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪيو.

سموريون بئنڪون ۽ مالياتي ادارا اڄ بند رهندا

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سموريون بئنڪون ۽ مالياتي ادارا (اڄ) سومر تي بئنڪ هاليڊي جي سلسلي ۾ بند رهندا. اسٽيٽ بئنڪ پهرين جنوري 2018ع تي بئنڪون ۽ مالياتي ادارا بند رکڻ جو اڳ ئي اعلان ڪيو آهي. مرڪزي بئنڪ طرفان جاري پڌرائي مطابق پهرين جنوري (اڄ) سڄي ملڪ ۾ بئنڪون ۽ مالياتي ادارا بند رهندا. اسٽيٽ بئنڪ مطابق بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جو عملو معمول مطابق ڪم ڪندو پر ان دوران عوام سان ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي نه ڪئي ويندي.

کنڀيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ لاڳيتو 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال

ڪراچي (رپورٽر ) 17 اپريل 2017 ع کان کنڀي گم ڪيل خادم حسين آريجي جي آزاديءَ لاءِ سندس نياڻي تنوير آريجو، نيلم آريجو، پٽ سنگهار آريجو، سوراڻ آريجو جي اڳواڻيءَ ۾ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪ  مسلسل بک هڙتال ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ دانشور دلشاد ڀٽو سينيئر، سماجي اڳواڻ شرين اسد، سنيتا راٺور، ايس يو پي اڳواڻ منصور چانڊيو، شمشاد مئيو، آزاد سومرو، ممتاز بروهي، رزاق عاصي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي دانشور دلشاد ڀٽو سينيئر چيو ته کنڀي گم ڪرڻ رياستي قانون توڙي انساني حقن جي پائمالي آهي، پاڪستان ۾اظهار جي آزادي ڏوهه بڻجي ويو آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن به ڏوهه ۾گهربل آهن ته انهن کي عدالتن ۾آندو وڃي، سنيتا راٺوڙ چيو ته رياست حقيقت ۾هڪ ماءُ جو درجو رکي ٿي پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، ممتاز بروهي چيو ته سياسي نظريا ۽ پنهنجي نظريي تحت سياست ڪرڻ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي پر ملڪ ۾پنهنجي ملازمن توڙي استادن ۽ شاگردن کي به کنڀيو وڃي ٿو جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، شيرين اسد چيو ته رياستي ادارا ماڻهو کنڀي دهشتگردي ڪري رهيا آهن، اهڙي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا اسان کان اسان جا پيارا کسي، صحافي رزاق عاصي چيو ته سنڌ مان شاعر، استاد، پبلشر، ليکڪ ۽ دانشور گم ڪيا ويا آهن جيڪا انساني حقن توڙي رياستي قانون جي به ڀڃڪڙي آهي، اهڙين ڀڃڪڙين جي نه رڳو سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي به آواز اٿارڻ گهرجي. ان موقعي تي  تي خادم آريجي جي ڌيئرن، پٽن ۽ وارثن چيو ته بابا کي 17 اپريل 2017 ع تي پنهنجي آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد ويندي رستي تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، 9 مهينا گذرڻ باوجود بابا جي ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي ته هو زندهه به آهي يا نه، هنن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي اي ٽي سي ڪورٽ بابا کي مفرور قرار ڏيندي اشتهاري قرار ڏنو آهي، اسان اعليٰ عدليا کان سوال ٿا ڪريون ته اسان جي پٽيشن 9 مهينن کان حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾هلي رهي آهي، جڏهن اسان جو بابا قيد ٿيل آهي ته اي ٽي سي ڪورٽ ۾ڪيئن حاضر ٿئي..؟ ۽ جيڪڏهن بابا مٿان پهريان کان ڪي ڪيس هئا ته ان جي گرفتاريءَ لاءِ اپاءُ ڇو نه ورتا ويا، اسان جو بابا سرڪاري ملازم، خوراڪ کاتي ۾اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آهي، جيڪڏهن بابا مٿان ڪي پراڻا ڪيس هلي رهيا هئا ته اسان جي بابا جي پگهار ڪيئن هلندڙ هئي..؟ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بابا بي قصور آهي، مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان عدالت کي اپيل ٿا ڪيون ته بابا کي ظاهر ڪرائڻ ۾ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن ڪي ڪيس آهن ته اسان انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڇو جو اسان کي يقين آهي ته اسان عدالت ۾باعزت بري ٿينداسين، هنن وڌيڪ چيو ته اسان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وزير اعظم پاڪستان شاهد خاقان عباسي، انساني حقن جي تنظيمن، عالمي ادارن ۽ گڏيل قومن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي بابا جي باسلامت آزاديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ 2018ع جي آتشبازيءَ سان آجيان

ڪراچي (ع آ نيوز) سموري دنيا ۾ نئين سال جي آجيان ڪندي شاندار آتشبازي ڪئي وئي، جشن ملهائي 2017ع کي الوداع ۽ 2018ع  جي آجيان ڪئي وئي.سال 2018ع جي استقبال جي شروعات نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ کان ٿي وئي، جتي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. امن جي اميدن، خوشحالي جي تمنائن ۽ نيڪ ارادن سان ڪيترن ئي ملڪن ۾ نئين سال جو استقبال ڪيو ويو. دنيا ۾ سڀ کان پهرين نئين سال جو جشن نيوزي لينڊ جي اسڪاءِ ٽاور کان شروع ٿيو، جتي 12 ٿيندي ئي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن سان آسمان رنگين ٿي ويو. دبئي جي برج خليفا تي به نئين سال جو جشن ملهايو ويو، جتي هزارين سياحن ۽ مقامي ماڻهن آتشبازي جو مظاهرو ڪيو. ان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ پڻ گهڙيال سئي 12 تائين پهچڻ سان ئي نئين سال جو جشن ملهايو ويو،پاڪستان، ڀارت، آسٽريليا، نيپال، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ نئين سال جي خوشيءَ ۾ جشن  ملهائي شاندار آتشبازي ڪئي وئي. ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي ماڻهن نئين سال جي آهجيان ڪندي آتشبازي ڪئي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بخشاپور: جوابدار ڏيرن بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور   ويجهو جوابدار ڏيرن بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪري لاش گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے