22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز:ملڪي حالتون ڇڪتاڻ واريون ۽ چونڊن لاءِ مناسب ناهن : مشرف

اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ڇڪتاڻ واريون آهن جيڪي چونڊن لاءِ مناسب نه آهن، هن سياسي وٺ پڪڙ ۽ ڄنڊا پٽ دوران اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي.

هن چيو ته  نواز شريف ڪرپشن سبب نااهل ثابت ٿي چڪو آهي، تنهنڪري شريف ڀائرن سان ڪا به ڊيل نه ٿيڻ گهرجي، نواز شريف جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهڻ آهي جيڪا کيس پراڻي بيماري آهي، مون تي به دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف جي سعودي عرب ۾ ڊيل بابت خبر نه آهي، پر ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب ٻنهي ڀائرن کي جاچ لاءِ گهرايو هجي ڇو ته اتي ڪرپشن خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ نواز ۽ شهباز جا اتي به ڪاروباري معاملا هئا.

پرويز مشرف چيو ته بلاول ڀٽو ٻارڙو آهي، ان لاءِ پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ زبان ۽ بيان ۾ تهذيب جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، هن مون تي پنهنجي ماءُ جو قتل الزام لڳائي منهنجي خلاف نعريبازي ڪرائي، جيتوڻڪ سڀ ڄاڻين ٿا ته بي بي جي شهادت کان سڀ کان وڌيڪ فائدو آصف زرداري کي ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| نوابشاهه جي سماجي تنظيم ڊس ايبلٽي فورم کي بجيٽ جي موضوع تي سيمينار ڪوٺائڻ جي ڪيئن پئي ضرورت؟ ڪنهن ڪهڙا ڪيا انڪشاف ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندو

 نوابشاهه جي سماجي تنظيم ڊس ايبلٽي فورم بجيٽ جي موضوع تي هڪ ڏينهن جو سيمينار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے