15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز: 2018غيرمعمولي للڪارن سان انتهائي اهميت وارو آهي: آرمي چيف

نئين سال جي موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته 2017ع جو يادگار سال پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ 2018ع غيرمعمولي چئلينجن سان انتهائي اهميت وارو آهي

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر تي آرمي چيف جو پيغام پهچايو جنهن ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته 2018ع ۾ اندرئين ۽ ٻاهرين سطح تي چئلينجز هوندا.

 هن چيو ته پاڪستان جي جذبي جي طاقت کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي، چئلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.

پاڪ فوج جي ترجمان پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ جيڪي خوشيون ملهايون پيون وڃن اهي قوم طور اسان جي عزم ۽ ڪاميابين جون عڪاس آهن.

 ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان هن موقعي تي پنهنجي غازين ۽ شهيدن کي ياد ڪري رهيا آهيون ۽ سندن قربانين تي انهن جا ٿورائتا آهيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو صوفو ميلو شروع ٿي ويو

حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو صوفو ميلو شروع ٿي ويو، اوقاف کاتي پاران ڪرايل صوفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے