19 بدھ , دسمبر 2018

نااهلي باوجود پارٽي صدر ٿيڻ خلاف درخواستن تي نواز شريف کان جواب طلب 

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن بابت ايڪٽ 2017ع خلاف 13 درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نواز شريف جي پارٽي صدر ٿيڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت نيشنل پارٽي جي وڪيل جي ڪيس ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم درخواست ڪئي ته عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ قانونسازي جو وڏو ادارو آهي، توهان ان جي قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيا آهيو، اسان کي قانون موجب هلڻو آهي. هن چيو ته عدالت کي ايترو سولو نه ورتو وڃي، نوٽيس جو ڪيس ٺاهينداسين ته نوٽيس به جاري ڪنداسين، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ڪيسن ۾ اڄ تائين عدالتن پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون کي رد ڪيو، وڪيل عدالتي فيصلن جا مثال پيش ڪن. هن چيو ته هي سياسي ڪيس آهن، ايئن نه ٿيندو ته درخواست ٿيندي ئي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ 13 ئي درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي نواز شريف سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Court likely to reserve verdicts in remaining references against Nawaz today

احتساب عدالت نواز شريف خلاف فيلگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے