15 ہفتہ , دسمبر 2018

بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ: ڀارتي ٽيم پنهنجي حڪومت کان اجازت جي منتظر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي پرڏيهي وزير هينئر تائين پنجين عالمي بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ڀارتي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اين او سي جاري نه ڪيو آهي. ورلڊ ڪپ 7 کان 21 جنوري 2018ع تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ ساڳئي وقت شروع ٿيندو، هت ڀارتي پرڏيهي وزير هينئر تائين پنجين عالمي بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ڀارتي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اين او سي جاري نه ڪيو آهي. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪونسل جي چيئرمين سيد سلطان موجب ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان دوري لاءِ ڀارتي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم 8 نومبر تي اين او سي لاءِ اپلاءِ ڪيو هو تنهن هوندي هينئر تائين ڀارتي بلائنڊ ٽيم کي اين او سي جاري نه ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪونسل 35 رڪني ڀارتي وفد جي ويزي کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل دستاويز گھرو وزير کي جمع ڪرايا آهن، اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ کين ويزائون ملي وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جو پاڪستان جي ايشيا ڪپ 2020 جي ميزباني تي اعتراض، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرايو وڃي: بي سي سي آءِ

نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے