17 بدھ , اکتوبر 2018

قاتل گيم “بليو وهيل” ڀارت ۾ هڪ وڌيڪ نوجوان جو سر کڻي ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ قاتل گيم “بليو وهيل” جي چيلنج وڌيڪ هڪ نوجوان جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب حيدرآباد جي علائقي ميپل ٽائون ۾ هڪ نوجوان مٿي تي پلاسٽڪ بيگ پائي آپگھات ڪيو جڏهن ته پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نوجوان بليو وهيل گيم جو چيلنج مڪمل ڪندي پنهنجي حياتي وڃائي. پوليس موجب 19 ورهين جو ويون برلا انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي اينڊ سائنس جو شاگرد آهي جنهن جو لاش ڇنڇر جي صبح جو سندس ڪمري مان هٿ ٿيو جڏهن ته سندس منهن پلاسٽڪ بيگ سان ڍڪيل هو. پوليس سب انسپيڪٽر ونڪت ريڊي جو چوڻ آهي ته ورون جي ڳچي پلاسٽڪ جي ٿيلهي سان زور سان ٻڌي وئي هئي ۽ شروعاتي جاچ مان آپگھات جو ڪو سراغ نه مليو جڏهن ته متاثر نوجوان جي موبائل فون ڊيٽا فرانزڪ لاءِ موڪلي وئي آهي. 19 ورهين جي پيءُ جو چوڻ هو ته ورون گھڻو وقت ٻاهر گھمڻ ڦرڻ بدران موبائل ۽ ليپ ٽاپ تي گزاريندو هو ۽ هڪ هفتو اڳ ئي هو هاسٽل مان گھر آيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته پيءُ جي بيانن جي روشني ۾ چئي سگھجي ٿو ته ورون ممڪن طور بليو وهيل گيم کيڏي رهيو هو ۽ چيلنج کي مڪمل ڪندي هن پنهنجو سر کنيو تنهن هوندي ڪيس داخل ڪندي جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے