15 ہفتہ , دسمبر 2018

افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملو، سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي مسرور مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي هلمند ۾ هوائي حملن ۾ آپگهاتي حملن جو انچارج سينيئر طالبان اڳواڻ پنهنجن ٻن ساٿين سميت مارجي ويو. افغان ميڊيا موجب آچر جي شام هلمند ۾ هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ سينيئر طالبان اڳواڻ مولوي احمد مسرور مارجي ويو. افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته مولي احمد مسرور طالبان جو سينيئر اڳواڻ ۽ آپگهاتي حملن جو انچارج هو جڏهن ته حملن ۾ وڌيڪ 15 ڄڻا مارجي ويا.  افغان ميڊيا جي رپورٽن ۽ مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ضلعي گريشڪ ۾ ٿيل هوائي حملن ۾ مولوي مسرور کان سواءِ وڌيڪ 2 سينيئر طالبان اڳواڻ مارجي وي . صوبائي حڪومت جي ميڊيا آف هلمند جي علائقي شورڪئي ۾ هوائي حملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن افغان ميڊيا موجب صوبي ننگر هار ۾ به فورسز آپريشن ڪيو جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم داعش جا 11 ويڙهاڪ مارجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي قتل:  آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سينيٽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے