19 بدھ , دسمبر 2018

ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جو جلد جواب ڏئي دنيا کي سچ ٻڌائينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جلد جواب ڏينداسين اسان دنيا کي سچائي ۽ افساني ۽ حقيقت ۾ فرق ٻڌائينداسين. پرڏيهي وزير خواجا آصف اهو پيغام سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان وقت جاري ڪيو جڏهن ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ترمپ ڪجهه وقت اڳ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي چيو ته پاڪستان اسان کي بيوقوف بڻايو ۽ هاڻ وڌيڪ فنڊ جاري نه ڪيا ويندا، پاڪستان امداد جي بدلي ۾ اسان کي ڪوڙ ۽ ڌوکي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. خانگي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ٽرمپ جي نئين بيان جو جواب ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهين لاءِ خواجا آصف ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي وچ ۾ ملاقات جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے