23 منگل , اکتوبر 2018

اٽڪ: اسپتال ۾ سلينڊر ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اٽڪ جي مقامي اسپتال ۾ گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب عمارت جو ڪجهه حصو ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 فوت ٿي ويا. ڊي سي او اٽڪ راڻا اڪبر حيات واقعي ۾ فوتگين جي تصديق ڪندي چيو ته سڌو سنئون ڌماڪي ۾ ڪو به شخص ناهي مريو جڏهن ته اسپتال جي عمارت جو ڪجهه حصو ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون ٿيون. پوليس موجب فوتين ۾ ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ زاهد ۽ ثمينه جي نالن سان ٿي جڏهن ته واقعي ۾ ٻه ٻار به فوت ٿي ويا. پوليس ٻڌايو ته سلينڊر ڌماڪو 3 ڪمرن تي ٻڌل هڪ الڳ عمارت ۾ ٿيو. ڊي پي او اٽڪ عبادت نثار ۽ وفاقي وزير شيخ آفتاب واقعي واري جاءِ جو دورو ڪيو. ريسڪيو ذريعن موجب سلينڊر ڌماڪي جي ڪري عورتن واري وارڊ جو هڪ حصو متاثر ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے