15 ہفتہ , دسمبر 2018

فل سمنز افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

دبئي (اسپورٽس نيوز) افعانستان پنهنجي تاريخ جي پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ اڳوڻي ويسٽ انڊين آل رائونڊر فل سمنز کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي گذريل سال جون ۾ آئرلينڊ سان گڏوگڏ افغانستان کي به ٽيسٽ اسٽيٽس ڏنو هو ۽ هلندڙ سال افغانستان جي ٽيم امڪاني طور ڀارت خلاف پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندي. افغانستان 2002ع ۾ رٽائر ٿيندڙ ويسٽ انڊين آل رائونڊر ۽ اوپننگ بيٽسمين کي پنهنجو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو آهي، جيڪو ان کان اڳ پنهنجي ملڪي ٽيم ويسٽ انڊيز سان گڏوگڏ زمبابوي ۽ آئرلينڊ جي ڪوچنگ به ڪري چڪو آهي. سمنز 8 جنوري تي دبئي ۾ افغان ٽيم کي جوائن ڪندو ۽ سندس پهرين آزمائش زمبابوي خلاف سيريز هوندي، جيڪا فيبروري ۾ شارجا ۾ کيڏي ويندي. کيس 2019ع ورلڊڪپ تائين اها ذميواري ڏني وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جو پاڪستان جي ايشيا ڪپ 2020 جي ميزباني تي اعتراض، ايونٽ نيوٽرل وينيو تي ڪرايو وڃي: بي سي سي آءِ

نئين دهلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) …