13 جمعرات , دسمبر 2018

بيگ بيش ليگ: شارٽ جارحاڻي اننگز کيڏي هوبارٽ هريڪينز کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي

سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي 13هين ميچ ۾ هوبارٽ هريڪينز جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ سڊني ٿنڊرز کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڊني ٿنڊرز ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي هوبارٽ هريڪينز مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون، جنهن جي خاص ڳالهه ڊي آرسي شارٽ جي شاندار اننگز هئي، جنهن 63 بالن تي چئن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 97 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ سڊني ٿنڊرز سخت مقابلي کانپوءِ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهي سگهي. جوز بٽلر 81 رنسن جي اننگز کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو، ڪپتان شين واٽسن ۽ ڪرٽس پيٽرسن ترتيب وار 36-36 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ميچ ۾ هوبارٽ هريڪينز 9 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. ڊي آرسي شارٽ کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے