18 جمعرات , اکتوبر 2018

فلم ”بيوي نمبر ون“ جي ريميڪ تي ڪم نه پيو ڪيان: ورون ڌون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ورون ڌون فلم ”بيوي نمبر ون“ جي ريميڪ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ سلمان خان جي مشهور فلم ”بيوي نمبر ون“ جي ريميڪ بابت خبرون سامهون آيون هيون ۽ چيو پئي ويو ته ان فلم ۾ ورون ڌون مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندو پر نوجوان اداڪار اهڙن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي تازي بيان ۾ ورون ڌون چيو ته ماڻهو اڪثر مون کان فلم ”بيوي نمبر ون“ جي ريميڪ بابت پڇندا آهن، فلم جو ريميڪ ٺهڻ سٺو آهي پر ان ۾ ڪم ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، اهي رڳو افواهه آهن. هن چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته اسان فلم تي ڪڏهن ڪم شروع ڪنداسين، هن وقت مان فلم ”آڪٽوبر“ ۽ هڪ ٻي نئين فلم تي ڪم ڪري رهيو آهيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ساهو“ جي رليز واري تاريخ پرڀاس جي سالگرهه تي پڌري ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور فلم ”باهو بلي“ جي اداڪار پرڀاس جي نئين فلم ”ساهو“ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے