17 بدھ , اکتوبر 2018

نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندي: رابي پيرزادا

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت ڳائڻي ۽ اداڪارا رابي پيرزادا چيو آهي ته نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ جي ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ رابي پيرزادا جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي کان وٺي اسان جي ميوزڪ انڊسٽري پٺ تي پئجي وئي هئي ۽ وڏا وڏا ڳائڻا پنهنجا مڪمل البم ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيا پر ملڪ جي موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته نئون سال ميوزڪ انڊسٽريءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته نئين سال ۾ ميوزڪ انڊسٽري زوال مان نڪرندي ٻيهر پنهنجي عروج تي پهچندي ۽ ٻڌندڙن کي سٺا موسيقي ٻڌڻ لاءِ ملندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bollywood movie movie "kuch kuch hota hai" was completed for over six years

بالي ووڊ سپرهٽ فلم ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ کي ويهه سال مڪمل

ممبئي(شوبز نيوز )  بالي جي سپرهٽ فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي کي 20 سال مڪمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے