23 منگل , اکتوبر 2018

عوام کي مهانگائيءَ جو مليل نئون تحفو

وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، جنهن تي ڪالهه يعني نئين سال جي پهرين ڏينهن کان عمل شروع ٿي ويو آهي، سو چئي سگهجي ٿو ته سرڪار عوام کي ”هيپي نيو ييئر“ چوندي مهانگائيءَ جو تحفو ڏنو آهي، اميد ڪئي ٿي وئي ته نئين سال  ۾عوام کي ڪو رليف ملندو، ماڻهو سک جو ساهه کڻندا پر سال جي شروعات سرڪاري سطح تي ڪا چڱي نه ٿي آهي، تنهن ڪري ”اڳتي الله خير ڪري“ جي بس دعا ئي گهري سگهجي ٿي.

پيٽروليم شين ۾ مجموعي طور چار کان پوڻا ست رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 4.06 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جو في ليٽر اگهه 77.47 رپين مان وڌي 81.53 رپيا ٿي ويو آهي، اهڙي طرح گاسليٽ جي اگهه ۾ پوڻا ست رپيا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ چار رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اوگرا جي سفارش بدران اڌ جيتري واڌ ڪئي وئي آهي، باقي اڌ بار حڪومت برداشت ڪندي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تيل مهانگو آهي.

ڏٺو وڃي ته گذريل ڇهن مهينن دوران پيٽروليم شين ۾ مجموعي طرح 20.32 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت مخالف ڌر جي جماعتن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرايو ويو آهي، هن چتاءُ ڏنو آهي ته پيٽرول جا اگهه فوري طور نه گهٽايا ويا ته احتجاج ڪيو ويندو.

سرڪار جو ڪم، عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ، سهولتون ۽ رليف ڏيڻ هوندو آهي، پوءِ سرڪار پاڪستان جي هجي يا دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي، پر اسان جي ملڪ ۾ گذريل ستر سالن ۾ عوام سان بس ويل ئي پئي وهايا ويندا رهيا آهن، هتان جو عوام اڄ تائين سرڪار جي اهڙن قدمن جي اڄ تائين به اوسئيڙي ۾ آهي، جن سان سندن زندگيءَ جو معيار تبديل ٿئي ۽ هو به نفسانفسي، وٺ وٺان ۽ پريشانين مان آجا ٿي ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن.

پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر 35 کان 40 رپين ۾ پئي ٿو ۽ اهو عوام کي وري 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ مهانگو يعني 81 رپيا 53 پئسا في ليٽر وڪرو ڪيو ٿو وڃي. ٽيڪس جي اها شرح عوام جو رت چوسڻ برابر آهي، سرڪار في ليٽر کي 10، 15 يا 20 رپيا وڌيڪ اڳاڙي ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اصل قيمت کان 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ عوام سان ديناداستي زيادتي آهي.

عوام کان ايڏو ٽيڪس اڳاڙڻ جي موٽ ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ان سطح جا ڪي قدم نظر اچن ته پوءِ ته چئي سگهجي ٿو ته وصول ٿيل اضافي رقم سجائي نموني خرچ ٿي آهي پر هتي ته گنگا ئي ابتي ٿي وهي. پيٽروليم اگهن ۾ واڌ سان رڳو ٽرانسپورٽرن کي مسافرن جا کيسا ڪترڻ جو موقعو ئي نه ملندو پر عام واهپي جي هرشيءِ به مهانگي ٿي ويندي، جن کي اڻ مَيا اثاثا آهن، تن جي زندگين تي ته ڪو اثر نه پوندو پر جيڪي ٻن ويلن ۾ آزرت هجن ٿا، تن جي ته مهانگائيءَ جي ڪري اڳ ئي چٻي ٿيل چيلهه ويتر ڀڄي پوندي.

سرڪار کي هڪ ته عوام اڳيان پنهنجو پاڻ چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته سرڪار کي في ليٽر پيٽرول ڪهڙي حساب سان ٿو ملي ۽ ماڻهن کي وري ايڏي اگهه تي مهانگو ڇو ۽ ڇا جي ڪري ڏنو ٿو وڃي. اسان وٽ سرڪاري سطح تي ۽ ادارن جي سطح تي ”بس چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري“ واري ريت هجڻ جي ڪري جنهن کي جيئن وڻي ٿو، سو تيئن ڪندو ٿو رهي ۽ ان جو ڪيتو وري مراعت يافتا نه پر پورهيت ۽ محنت ڪش طبقو ڀوڳي ٿو.

پاڪستان زرعي ملڪ آهي، جتي  جي 70 سيڪڙو آباديءَ جو دارو مدار زراعت تي آهي، يعني هن ملڪ جي ستر سيڪڙو ماڻهن جون خوشيون ۽ خوشحالي زراعت سان لاڳاپيل آهي، فصل ڀلا ته هو به سرها پر جي اپت چڱي نه ٿي، هنن جي نصيبن ۾ بس رڳو سور ئي سور هوندا، هتي گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان زراعت جو جيڪو نور ئي چٽ ڪيو ويو آهي. تنهن زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي پر مجموعي ملڪي معيشت ۾ ئي بحراني ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. اسان جو ماڻهو گهڻو تڻو ”ڪيش ڪراپ“ يعني روڪ رقم ڏيندڙ فصلن تي ڀاڙي ٿو، ساريون، ڪڻڪ، ڦٽي ۽ ڪمند ڪيش ڪراپ آهن، جيڪي جڏهن جڏهن لهڻ جي ويجهو هوندا آهن ته ڳوٺن ۾ فصل لهڻ جي مناسبت سان شادين جون تاريخون طئي ٿينديون آهن. باسيل باسون ڏيڻ جا پروگرام طئي ٿيندا آهن ۽ مٽن مائٽن ڏانهن چڪر لڳڻ جا پروگرام طئي ٿيندا آهن. يعني فصل خوشيءَ جي علامت طور ڏٺا ويندا آهن پر ناقص سرڪاري پاليسين جي ڪري فصل لهن ته ڇا، نه لهن ته ڇا، عام ماڻهوءَ ، آبادگار ۽ هاريءَ جي زندگيءَ تي ڪو فرق پوڻو ناهي.

سرڪار توڙي جو فصلن جا امدادي اگهه به مقرر ڪري ٿي پر تنهن هوندي به اوپن مارڪيٽ ۾ دلالن ۽ واپارين جا جاوا هجن ٿا ۽ آبادگار ۽ هاري اهڙا جو اهڙا رهن ٿا. پوکيءَ لاءِ ٻج به مهانگو ملي ٿو پر جڏهن ساريون، ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، ٽماٽا، بصر لهن ٿا ته انهن جا اگهه ايترا ته ڪيرايا وڃن ٿا جو هاري ۽ آبادگار جو خرچ به نه ٿو نڪري يعني هڪ پاسي هن ملڪ جي 70 سيڪڙو آباديءَ جي آمدني ٻڏتر ۾ آهي، ٻيو عام واهپي جي شين جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه، ٽيون پيٽرول سستو وٺي، اڳ ئي غربت ڀوڳيندڙ ماڻهن کي مهانگي اگهه تي ڏيڻ عام ماڻهوءَ سان زيادتي آهي. سرڪار کي اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جن مان لڳي ته واقعي سرڪار کي عوام جو اونو آهي، اها عوام دوست سرڪار آهي نه ڪي عوام دشمن.

 اڱارو 2 جنوري 2018ع، 14 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے