23 منگل , اکتوبر 2018

سعودي ولي عھد جي شھباز شريف سان ٻي ملاقات، نواز سان نه مليو، اڄ واپسي جو امڪان

جده(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شھباز شريف جي سعودي ولي عھد شھزادي سلمان بن محمد سان 24 ڪلاڪن اندر ٻي ملاقات ڪئي پر نواز شريف جي موجودگي جا اطلاع نه آھن، ذريعن موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالھايو ويو ۽ القدس بابت پاڪستان جي موقف جي ساراھ ڪئي وئي، ذريعن موجب شھباز شريف اڄ ملڪ واپس پھچندو، جڏھن ته نواز شريف جي واپسي جا به امڪان آھن، ٻئي طرف اينڪر پرسن معيد پيررزادي پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته نيوز چئنلن جي رپورٽ آھي ته نواز ۽ شھباز شريف کي شھزادي مشعال بن عبدالله بن عبدالعزيز کان ٿيل جاچ ۾ مدد لاءِ گھرايو ويو آھي، اھا جاچ يورپ ۾ ٿيل ھڪ ارب ڊالر جي سيڙپ جي حوالي سان آھي، شھزادي جو چوڻ آھي ته اھا شريف خاندان جي آھي.

ڪرپٽ سياستدانن خلاف 10 ڏينهن ۾ فيصلا ڪري ڦاهي ڏيڻ جي تجويز

اسلام آباد( م ڊ ) عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه جمشيد دستي چيو آهي ته سياستدانن کيڪرپشن ۾ موت جي سزا ڏيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جمشيد دستي چيو ته نااهل شخص کي پارٽي صدر ٿيڻ جو ڪو به حق ناهي، قومي اسيمبلي کي تماشو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته سڀ کان پهريون سياستدانن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، سندن ڪيسن جو فيصلو 10 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي.0630

سڄي عرب ۽ دنيا ملي به اين آر او نه ڪرائي سگهندا: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سڄي عرب دنيا ملي به اين آر او نه ٿي ڪرائي سگهي، شريف ڀائر ڪالهه 2 وڳي کان رياض ۾ ويٺل آهن پر شاهه سلمان طرفان ساڻن ملاقات جي درخواست قبول نه ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته پنجن ججن جنهن شخص کي نااهل قرار ڏنو اهو پارٽي پاليسي ٺاهڻ جي طاقت تي قبضو ڪيو ويٺل آهي،  هڪ وقت ايندو جڏهن ڪرپٽ ماڻهن کي ڪو به قبول نه ڪندو ۽ کين پنهنجي ئي ملڪ جي جيلن ۾ وڌو ويندو. هن چيو ته سندس صبح 9 وڳي 45 منٽن تي رياض ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سندس اطلاع موجب شريف ڀائر ڪالهه 2 وڳي کان رياض ۾ ويٺل آهن پر  شاهه سلمان طرفان کين اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي سياستدان افواهه پيا پکيڙين تن جي عقل تي ماتم ڪرڻ تي دل چوي ٿي. شيخ رشيد احمد چيو ته اڄ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار آهي، مشرف ۽ اڄوڪي دور ۾ گهڻو فرق آهي.  هن چيو ته اڄ نه ڪو جنرل بٽ آهي ۽ نه وري ملڪ قيوم آهي، هتي انصاف ٿيندو ۽ اصولن تي ٻڌل ٿيندو. سندس چوڻ هو ته چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻو پوندو، اسان کي استعيفائون ڏئي ٻاهر نڪرڻ گهرجي. شيخ رشيد چيو ته لطيف کوسي واعدو ڪيو آهي ته هو حديبيا ۽ ايل اين جي ڪيس مفت ۾ وڙهندو، تنهن ڪري منهنجي اي پي سي ڪامياب ٿي وئي باقي ٻين جي خبر ناهي.0430

مريم نواز ۽ سعد رفيق خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي عدالت قومي ادارن خلاف تقريرن تي مريم نواز ۽ سعد رفيق خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سي سي پي او لاهور کانپنج جنوري کان جواب طلب ڪري ورتو. سيشن عدالت ۾ پاڪ فوج ۽ عدليه خلاف تقريرون ڪرڻ تي مريم نواز ۽ سعد رفيق خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز ۽ سعد رفيق نه رڳو پاڪ فوج خلاف بيان بازي ڪئي پر عدليه تي به تنقيد ڪئي.

هن چيو ته آئين موجب قومي سلامتي جي ادارن تي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي، عدالت کي درخواست آهي ته ٻنهي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سي سي پي او لاهور کان پنج جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.063041

اسحاق ڊار کي فرار ڪرائڻ ۾ وزيراعظم ڪردار ادا ڪيو: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيل جي ڪوشش جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام به ڊيل کي قبول نه ڪندو. وزير اعظم اسحاق ڊار کي فرار ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو طاهر القادري سان سياسي نه پر انساني بنيادن تي تعلق آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نواز شريف جي سعودي عرب جي دوري جو هل ميٽل سان گهرو لاڳاپو آهي.

 نواز شريف کي اقامو ڏيندڙ ايف زيڊ اي ڪيپٽل مني لانڊرنگ جو ذريعو هئي، جنهن جي دبئي ۾ رجسٽريشن ڪرائي وئي ۽ ايف زيڊ اي ڪيپٽل جو مالڪ نواز شريف آهي. نواز شريف جو اقامو به مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيو هو. پاڪستان کان پيسا دبئي ۾ ايف زيڊ اي ڪيپٽل کي موڪليا ويا ۽ هل ميٽل ڪمپني پيسا نواز شريف ڏي موڪليندي هئي، نئب کان بچڻ لاءِ هاڻ ڊرامو پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير سعودي جهاز تي اوڏانهن ويو ۽ هن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ” مون کي ڇو ڪڍيو“ وارو راڳ آلاپيندڙ پرڏيهه هليا ويا، جڏهن حڪمرانن  لاءِ جهاز اچن ته ملڪ خودمختيار ناهي رهندو. نواز شريف جي تاريخ ڊيل سان ڀريل آهي ۽ هاڻ وري ڊيل وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پاڪستاني عوامي ڪنهن به ڊيل کي قبول نه ڪندو.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے