19 بدھ , دسمبر 2018

تيل اگهن ۾ واڌ چئلينج، گڊز ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، ڪراچي ۾ ڪرايو وڌائڻ جو مطالبو

ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) تيل اگهن ۾ واڌ کان پوءِ ڀاڙا وڌڻ شروع ٿي ويا. حڪومت جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي. واپارين فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پئٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي اضافي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. جوڊيشل ايڪٽو ازم پئنل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پئٽروليم شين جا اگهه گهٽ آهن پر شهرين کان پئٽروليم شين جي مد ۾ اضافي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي پئي وڃي، عدالت کي درخواست آهي ته ملڪ ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو واپس وٺي نوان اگهه عالمي مارڪيٽ موجب ڪيا وڃن. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومت نئين سال جي آغاز تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي جنهن تحت پيٽرول جي قيمت 4 رپيا 6 پيسا وڌي وئي. ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ واڌ کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن به ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. گڊز ٽرانسپورٽ جو چوڻ آهي ته تيل جي اگهه ۾ واڌ جي ڪري ڀاڙا وڌائڻ تي مجبور آهن ان ڪري ڀاڙن ۾ واڌ اڄ کان ئي لاڳو ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پيٽرول اگهه وڌائڻ خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي رٿ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول اگهه وڌائي حڪومت مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو آهي. هوڏانهن پ پ لاهور جي اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت غريب عوام جو رت چوسي رهي آهي، لاهور، فيصل اباد جي واپاري ايوانن ۽ ڪراچي جي ٽرانسپورٽرن اگهه وڌائڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڪراچي جي ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سال 2018ع دوران سڄي دنيا ۾80 صحافي قتل، آمريڪا به بليڪ لسٽ

واشنگٽن (م ڊ ) ميڊيا واچ ڊاگ جي نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے