16 اتوار , دسمبر 2018

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس: ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ چار رڪني بئنچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو رڪارڊ گهريو هو. وڪيل يوسف علي چيو ته دليلن کانپوءِ تفصيل نه گهريا ويندا آهن. چيف اليڪشن ڪميشن سردار رضا حيات چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ دليلن کانپوءِ رڪارڊ گهريو ويو. تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته عدالت جو اختيار آهي ته فيصلي کان اڳ ڪو به تفصيل گهري سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قوم دهشتگرديءَ جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ متحد آهي: محمود خان

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے