24 بدھ , اکتوبر 2018

دنيا جي پهرين 8 ڪي او ايل اي ڊي متعارف

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ائين ته سام سنگ ايپل سوني ۽ ٻيون ڪمپنيون جديد ترين ۽ اعليٰ ڪوالٽي رزلٽ جي او ايل اي ڊي متعارف ڪرائينديو رهنديون آهن  پر  هاڻي ڏکڻ  ڪورين ڪمپني سڀني کي پوئتي ڇڏيندي پهريون ڀيرو 88 انچ  جي وڏي دنيا جي پهرين 8ڪي او ايل اي ڊي متعارف ڪرائي آهي. جيڪڏهن  هن وقت به مارڪيٽ ۾77 کان 80 انچ جي جديد ايل سي ڊي دستياب آهي جنهن جي اسڪرين ريزوليشن کي جديد ترين سافٽ ويئر ۽ گرافڪس جي سبب بهتر ٺاهيو ويو آهي ته مارڪيٽ ۾ دستياب تقريبن ڪيتريون ۽ ايل سي ڊيز ۽ او ايل اي ڊيز 4 ڪي ٽيڪنالوجي تي ٻڌل  هونديون آهن، پر  ايل جي پهريون ڀيرو ٻين ڪمپنين جي ايل سي ڊيز کان وڏي جديد ٽيڪنالوجي 8ڪي او ايل اي ڊي متعارف ڪرائي آهي. جڏهن ته او ايل اي ڊي هن 8 ڪي ٽيڪنالوجي کي  هاڻي اهم سمجهو پيو وڃي.چيو پيو وڃي ته هاڻي ننڍي ايل سي ڊيز سميت موبائل فون ۾ به 8ڪي کي متعارف ڪرايو ويندي. ڪمپني پاران  8ڪي ايل سي ڊي جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو. هن جديد ترين ٽي وي اسڪرين کي ايندڙ مهيني امريڪا ۾ اليڪٽرانڪ نمائش ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي ايل جي هن او ايل اي ڊي جي اسڪرين جي ريزوليشن 7هزار 680 بائي 4 هزار 320 آهي.۽ هن ۾ اسپيڪر سميٽ ٻين آلاتن ۾ به بهترين ڪوالتي جو استعمال ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Invent another cheap way of making electricity from sunlight

سج جي روشني مان بجلي ٺاهڻ جو هڪ وڌيڪ سستو طريقو ايجاد

انڊيانا(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سج جي حرارت مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي( سولر) پئنل بجاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے