23 منگل , اکتوبر 2018

ايران ۾ مظاهرين ٿاڻن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، ڪيترائي گرفتار

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين مڇرجي پيا ۽ ڪيترن ئي پوليس ٿاڻن تي حملا ڪري انهن کي باهيون ڏئي ڇڏيون جڏهن ته سرڪاري ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سان فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. ايران ۾ مذهبي قيادت ۽ حڪومت خلاف جاري احتجاج شدت اختيار ڪري چڪو آهي. قهد ريجان جي علائقي ۾ مظاهرين ٿاڻي تي هملو ڪري ان جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي. سيڪيورٽي فورسز مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران شديد ويڙهه ٿي. پوليس مظاهرين کي سڌيون گوليون هنيون جنهن جي تنيجي ۾ ڪيترائي فوت ٿي ويا. ڪرمان شاهه ۾ به مظاهرين پوليس چوڪي کي باهه ڏئي ڇڏي. ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب نجف آباد ۾ مڇريل مظاهرين پوليس چوڪي تي فائرنگ ڪري هڪ اهلڪار کي ماري ڇڏيو ۽ 3 کي زخمي ڪري ڇڏيو. هٿيار بند جوابدارن پوليس ۽ فوجي چوڪين تي حملو ڪري انهن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر سيڪيورٽي فورسز شديد مزاحمت ڪري کين واپس موٽايو. راڄڌاني تهران ۾ به ڪيترائي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ سرڪاري پاليسين خلاف شديد احتجاج ڪيو. تنهن هوندي پوليس لاٺي چارج ۽ واٽر ڪينن استعمال ڪندي مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. مقدس شهر قم ۾ به مهانگائي ۽ اعليٰ اختيارين جي ڪرپشن خلاف وڏي انگ ۾ شهرين احتجاج ڪيو ۽ آمر مرده باد جا نعرا پڻ هنيا. مظاهرين ايراني سپريم ليڊر علي خامنه اي مذهبي اسٽيبلشمنٽ کان استعفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ايران جي سرڪاري ميڊيا ۽ اختيارين موجب آچر تي 10 ماڻهو جڏهن ته سومر تي حمدان ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا تنهن هوندي آزاد ذريعن موجب فوتين جو انگ ان کان تمام گھڻو آهي. ايران ۾ حڪومت ۽ مذهبي قيادت خلاف 5 ڏينهن کان جاري مظاهري تي تشدد رنگ اختيار ڪري ويا آهن ۽ احتجاج جون سوشل ميڊيا تي به مختلف وڊيوز سامهون آيون آهن. مظاهرن جي نئين لهر سبب 1979ع ۾ انقلاب کانپوءِ ايران ۾ اقتدار ۾ ايندڙ مذهبي اسٽيبلشمنٽ شديد دٻاءَ ۾ آهي جڏهن ته صدر روحاني به قوم سان خطاب ۾ چيو ته تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ ريل حادثي جو شڪار، 22 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي

تائپي (ويب ڊيسڪ) تائيوان ۾ ريل سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے