10 پیر , دسمبر 2018

عمران کي ڪٺهڙي ۾ آڻڻ تي قوم نواز شريف جي ٿورائتي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪندڙ اڄ عدالت آيو، عمران خان جهڙو ڀاڄوڪڙ ۽ ادارن کي گاريون ڏيندڙ به ڪٺهڙي ۾ بيٺو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ڪٺهڙي ۾ آڻڻ تي قوم نواز شريف جي ٿورائتي آهي، مسلم ليگ ن جي صدر عدالت پيش ٿي قانون جي پاسداري ڪئي، مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران صاحب پنهنجي صوبي ۾ احتساب ڪميشن کي تالا لڳائي رکيا آهن، تحريڪ انصاف جو چيئرمين پنهنجي حڪومت جي احتساب کان ڀڄي نٿو سگهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن جو احتساب 2018ع ۾ خيبرپختونخواهه جو عوام ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے