20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نائيجيريا ۾ چرچ تان واپس ويندڙن تي حملو، 14 ڄڻا فوت

نائيجيريا (ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي هڪ رياست ۾ رات جو عبادت تان واپس ايندڙ عيسائين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا. خابرو اداري جي رپورٽ موجب هڪ مقتول جي مائٽن ٻڌايو ته هٿيار بند جوابدارن ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هي ماڻهو نئين سال لاءِ چرچ ۾ ٿيندڙ عبادت ۾ شرڪت بعد واپس موٽي رهيا هئا. فائرنگ جو اهو واقعو نائيجيريا جي ڏکڻ علائقي ۾ پورٽ هارڪورٽ ۾ پيش آيو. پوليس اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي درخواست تي ٻُڌايو ته حملي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا فائرنگ سان زخمي به ٿيا جن کي علاج لاءِ ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريورز اسٽيٽ پوليس جي سُڌ سماءَ واري کاتي جي آفيسر نامدي اوماني جو چوڻ هو ته فوري طور واقعي ۾ فوت ٿيلن جي انگ جي تصديق نه ٿي ڪري سگھجي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته پوليس ڪمشنر احمد ذڪي واقعي کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جي آغاز جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فائرنگ سبب قنڌار پوليس چيف مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ صوبائي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے