15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪستان کي امداد ڏيڻ جو في الحال ڪو به منصوبو ناهي: وائيٽ هائوس

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا جو پاڪستان کي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي امداد ڏيڻ جو في الحال ڪو به منصوبو ناهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا جي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي هڪ عهديدار چيو ته ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي سهڪار جو جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته صدر اها ڳالهه واضح ڪري چڪو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي ڌرتي تي دهشتگردن ۽ ويڙهاڪن خلاف فيصلائتي ڪارروائي جي اميد رکي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا بابت حڪمت عملي ۾ پاڪستان جو ڪردار سان جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ مستقبل جي سڪيو رٽي مدد به شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے