19 بدھ , دسمبر 2018

چوپائي مال کي کير وڌائڻ لاءِ لڳندڙ انجيڪشن سان ڪينسر جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪينسر واري چوپائي مال جو کير خطرناڪ قرار ڏيندي کير جي پيداوار وڌائڻ واري انجيڪشن تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي گڏيل صوبن جي رابطي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان ويٽرنري ميڊيڪل ڪونسل جي اختيارين بريفنگ ڏني. پنجاب  جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر ٻُڌايو ته کير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ لڳندڙ بوسٽن انجيڪشن سان چوپائي مال کي ڪينسر ٿي ويندي آهي جنهن سان هو مري رهيو آهي، ٻار ۽ وڏا ڪينسر واري چوپائي مال جو کير پي رهيا آهن، اها خطرناڪ صورتحال آهي، ٻين صوبن ان انجيڪشن تي پابندي لڳائي آهي پر سنڌ منع نامو حاصل ڪري ڇڏيو. ڪميٽي جي ميمبرن کير وڌائڻ لاءِ لڳندڙ بوسٽن انجيڪشن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ميمبر راڻا افضل چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻي جي مسئلي تي نوٽيس ته وٺي رهي آهي پر خطرناڪ کير جي مسئلي تي ڇو ڌيان نه پئي ڏئي، سنڌ حڪومت ڪٿي آهي ۽ ڇا ڪري رهي آهي. جنهن تي اقبال محمد علي چيو ته توهان سنڌ حڪومت جي ڳالهه ڪندا آهيو، سنڌ ۾ ته هڪ روڊ ٺهندي ئي ٽُٽي پوندو آهي. پنجاب جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر ٻُڌايو ته بوسٽن انجيڪشن جي رجسٽريشن مجرماڻو فعل آهي، ان جي جاچ ڪرائي وڃي ته گھڻيون شيون سامهون اينديون، ڪانگو وائرس وارن ملڪن مان پاڪستان ۾ گوشت ايندو آهي ۽ پڪڙجي پوندو آهي پر وري استعمال به ٿيندو آهي، اسان وٽ ڪو به اهڙو پيشيور وڪيل ناهي جيڪو گڏيل قومن واري قانون کي ڄاڻيندو هجي، هن ملڪ ۾ دٻي وارا سمورا کير جعلي آهن، ان بابت لکي به ڏئي چڪا آهيون، پاڪستان ۾ ڪو کاڌو فارملين کان بنا ناهي جيڪو ڪينسر پيدا ڪندڙ ڪيميڪل آهي، ليبارٽري جي رپورٽ موجب سمورن دٻي پيڪ کيرن ۾ فارملين موجود آهي ۽ يوريا کاد ۽ وي پائوڊر ملايو ويندو آهي. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ وٽ ويٽرنري ريگوليٽري نظام موجود ئي ناهي ۽ ليبارٽري آهي نه سهولتون، جڏهن ته 18هين ترميم تحت سنڌ صوبي کي اختيار نه مليا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Court likely to reserve verdicts in remaining references against Nawaz today

احتساب عدالت نواز شريف خلاف فيلگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے