20 منگل , نومبر 2018

دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ فاٽا ۾ 6112 ڄڻا شهيد ٿيا، وارثن کي 4 ارب امداد ملي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فاٽا ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 12 هزار ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا جن جي وارثن کي تقريبن کي لڳ ڀڳ 4 ارب رپين جي امداد ڏني وئي آهي. تفصيل موجب اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهڻ ۾ فاٽا لا اينڊ آرڊر ڊويزن جي اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اختيارين ٻڌايو ته فاٽا ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 2001ع کان هن وقت تائين 6112 ڄڻا شهيد ۽ 6707 زخمي ٿيا، شهيدن جي وارثن کي 3 ارب 65 ڪروڙ 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. بريفنگ موجب شهيدن ۾ 244 ليويز ۽ 178 اهلڪار جڏهن ته 5690 سويلين شامل آهن جن جي وارثن کي امدادي رقم ڏني وئي. 2001ع کان 2015ع تائين سرڪاري ملازمت دوران شهيد ٿيلن جي وارثن کي 30 لک رپيا في ڪس ادا ڪيا ويا. 2015ع کان پوءِ هن وقت تائين شهيدن جي وارثن کي 30 لک رپيا ۽ 20 لکن جا پلاٽ به في ڪس ڏنا ويا. فاٽا اختيارين ٻڌايو ته شهيدن جي وارثن جي امداد جا 54 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. ڪميٽي ٻڌڻي هيٺ معاملن کي جلد حل ڪري وارثن جي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

هنزه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے